اسلام آباد (ابصار عالم) فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي فيصلي جو آخري پيراگراف اهم آهي. فيصلي جي ٻين حصن ۾ فيض حميد کي جوابدار جڏهن ته آخري پيراگراف ۾ ڏوهي چيو ويو آهي. فيصلي موجب، ڏوهي جي سياسي عنصرن سان ملي ڀڳت ذريعي ڄاڻي واڻي سياسي ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻين معاملن ۾ ڏوهي جي ملوث هجڻ جي معاملي کي ڌار طور تي اڪلايو پيو وڃي. ان آخري پيراگراف جون ڪڙيون ايندڙ فيز سان ملن ٿيون، جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن، 26 نومبر جي واقعن، فوج خلاف بغاوت، فيبروري ۾ چونڊن جي حوالي سان به معاملا ڏٺا ويندا. انهن معاملن ۾ عمران خان جو نالو ايندو ۽ اهو تيزي سان ٿيندو. شايد ڪارروائي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خلاف به ٿئي پر اها ڪارروائي ٿيندي يا نه ٿيندي، ان بابت ذريعا چون ٿا ته وقت کان اڳ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. فيلڊ مارشل عهدو سنڀالڻ کانپوءِ فوج ۾ احتساب جو عمل شروع ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. هن فيصلي مان ثابت ٿئي ٿو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڏکيا فيصلا وٺي سگهي ٿو. ڊي جي آءِ ايس آءِ کي سزا ڏئي مثال قائم ڪيو ويو آهي. ڇو ته اهو ٻئي نمبر تي طاقتور شخص هوندو آهي. فيلڊ مارشل اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجن ماڻهن بابت اهڙا فيصلا وٺي سگهون ٿا ته پوءِ ٻين بابت ائين ٿي سگهي ٿو. جيڪي سياسي اڳواڻ، جج توڻي ٻيا به ڪٽهڙي ۾ ايندا.