شڪارپور ۾ پوليس آپريشن، 9 ڏوهاري مارجي ويا، ٻن ڊي ايس پيز سوڌو 4 اهلڪار زخمي

شڪارپور(رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور شھر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد منڇر شاھ قبرستان ۾ ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين ظھور سومرو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن صبع سوير قبرستان ۾ رھندڙ ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن لاءِ چڙھائي ڪئي ته ھٿيار بندن پوليسمٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ڏوھارين جي فائرنگ ۾ آپريشن جي ڪمان ڪندڙ ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سندس مڙس ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين ظھور سومرو موبائيل جو ڊرائيور منور بروھي پي سي نياز بھاڳ گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال مان طبي امداد ڏئي سکر ضياالدين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊي ايس پي ظھور سومرو جو آپريشن ڪيو ويو جنھن جي حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي جڏھن ته ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻيل آھي کيس ھڪ گولي پيٽ ھڪ گولي ڪک ۾ لڳل آھي ھنگامي طور تي ضياالدين اسپتال انتظاميا ڪراچي کان جھاز وسيلي اسپيشل ڊاڪٽر فضا جعفري کي گھرايو ويو آھي سندس آپريشن ڪرڻ بعد کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر عبدالله چاچڙ پارس بکراڻي جو والد عبدل احد بکراڻي سميت پوليس آفيسر توڙي سياسي سماجي رهنما ضياالدين اسپتال پھتل ھئا ھوڏانھن ٻن ڊي ايس پيز سوڌو چار اھلڪارن جي زخمي واري واقعي بعد ايس ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ ضلعي جي نفري طلب ڪري اي پي سي چين بڪتر بند گاڏين جي مدد سان ڏوھارين جو گھيراءُ ڪري آپريشن شروع ڪيو پوليس آپريشن دوران پنج ڏوھاري شھزادو پٽ گل محمد شيخ شھمور پٽ گل محمد شيخ امداد ولد ممتاز شيخ ثابر ولد نامعلوم شيخ ھڪ اڻ سڃاتل جوابدار مارجي ويا ٽن ڏوھارين ساجد پٽ انور شيخ گل محمد پٽ انور شيخ اياز پٽ ممتاز شيخ کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي زخمي ڏوھارين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته مارجي ويل پنجن ڏوھارين جا لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ رکرايا ويا آھن انھي حوالي سان ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪالھ واپاري کان ڦر جا پيرا منڇر شاھ واري علاقي ۾ لڳا جنھن کانپوءِ اسان ڊي ايس پيز تي ٻڌل پوليس ٽيم تيار ڪئي پوليس صبع سوير منڇر شاھ واري علاقي ۾ ڏوھارين جو گھيراءُ ڪيو جنھن ۾ ٻن ڊي ايس پيز سوڌو پوليس اھلڪار زخمي ٿيا آھن اسان ڏوھارين خلاف آپريشن ڪري رات کان ھن وقت تائين 9 ڏوھارين کي آپريشن دوران ماريو آھي ھن چيو ته منڇر شاھ ۾ ڏوھاري آئيس سميت منشيات جو ڪاروبار ڪندا ھئا مٿن قتل ڦر ڌاڙن جا سنگين ڪيس ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آھن ڏوھاري جو واسطو ڪھڙي به ذات سان ھجي ان کي پنھنجي انجام تي پھچائيندا سين مارجي ويل ڏوھاري شھر ۾ ھڪ اسٽيٽ ٺاھي ويٺل ھئا جيڪي پھنجي انجام تي پھتا آھن ھوڏانھن پوليس منڇر شاھ واري علائقي کي ڪليئر قرار ڏيندي ڏوھارين جا ڏھ کان وڌيڪ گھر ڪرينن جي مدد سان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن پوليس منڇر شاھ اندر ڪيمپ قائم ڪري ورتي آھي آخري اطلاعن تائين ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻيل ھئي واقعي جو ڪيس خبر لکجڻ تائين داخل نه ٿي سگھيو ھو

  1. وڏي وزير پاران شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم

شڪارپور: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آءِ جي سنڌ جي ملاقات منڇر شاھ قبرستان ۾ پوليس طرفان ڏوھارين خلاف آپريشن بابت بريفنگ ڏني آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي ٻڌايو ته منڇر شاھ قبرستان ۾ ڪاروائي دوران ٻه ڊي ايس پي ۽ ٻه اھلڪار زخمي ٿيا آھن جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي آپريشن دوران 9 ڌاڙيل مارجي ويا آھن وڏي وزير کيس ھدايت ڪئي ته شڪارپور سميت ٻين علاقن ۾ پڻ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪري ڏوھارين جا نيٽ ورڪ ختم ڪيا وڃن ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن پوري طاقت سان جاري رکيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته  پوليس کي شڪارپور اندر رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي  مراد علي شاھ چيو ته ڊي ايس پي پارس بکراڻي ڊي ايس پي ظھور سومرو ۽ زخمي اھلڪارن سان اسان گڏ آھيون هن چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد کمال شاھ کي ھدايت ڪئي آھي ته زخمي آفيسرن لاء ضرورت پوڻ تي ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو وڃي .

  1. آءِ جي سنڌ جو زخمي ڊي ايس پي سان رابطو، شاباسي

شڪارپور: صوبائي گھرو وزير ضيا لنجار واقعي جو نوٽس ورتو ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ کي شاباش ڏيندي گھرو وزير پھنجيجاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڏوھارين خلاف پوليس جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آھي جنھن ۾  بدنام ڏوھاري مارجي ويا آھن پوليس جا جوان پنھنجي جان جي پرواھ کانسواء ڏوھارين سان بھادري سان وڙھيا جنھن ۾  ٻن ڊي ايس پيز سوڌو پوليس جا جوان زخمي ٿيا آھن پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي پنھنجي جان جي پرواھ کانسواءِ عوام جي جان مال جي حفاظت لاءِ وڙھيا آھن زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي سان آئي جي سندھ غلام نبي ميمڻ پڻ فون تي رابطو ڪري آن کان طبيعت معلوم ڪئي ۽ کيس ڏوھارين خلاف آپريشن ۾ڀرپور حصو وٺڻ تي شاباش پڻ ڏني آھي

  1. ڏوهارين جا لاش ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ

شڪارپور: مارجي ويل ۽ زخمي ڏوھارين کي شيخ پمپ آڏو پوليس طرفان ڦٽو ڪيو ويو ڏوھارين جا لاش ڏسڻ لاءِ سوين شھري گڏ ٿي ويا ٽن ڪلاڪن بعد پوليس چورنگي کان لاش ء زخمين کي پوليس موبائيلن ۾ کڻي سول اسپتال پھچايو سول اسپتال ۾ خبر لکجڻ تائين مارجي ويل ڏوھارين جو ڪو به وارث اسپتال نه پھتو ھو سول اسپتال ۽ آن جي آس پاس پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آھي

  1. شهمور شيخ ۽ سندس ڀاءُ مقبول شيخ جا گارڊ رهي چڪا آهن

شڪارپور: ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ظھور سومرو ۽ ٻين پوليس اھلڪارن مٿان حملو ڪندڙ بدنام ڏوھاريشھمور شيخ سندس ڀاءُ شھزادو عرف شدو شيخ اڳوڻي صوبائي وزير سردار مقبول شيخ جا گارڊ پڻ رھي چڪا آھن ٻئي ڀائر وڏي عرصي کان منڇر شاھ واري علائقي ۾ روپوش بڻيل ھئا

  1. شهر بچايو تحريڪ پاران اڄ دعائيه تقريب رٿيل

شڪارپور: شھر بچايو تحريڪ پاران ڏوھارين خلاف آپريشن دوران زخمي ٿيل ڊي ايس پي ظھور سومرو ۽ سٽي ڊي ايس پي پارسبکراڻي جي جلد صحتيابي لاء خصوصي دعا جي تقريب اڄ منجھند جو سبزه زار لان ۾ گھرائي وئي آھي جتي شھر بچايو تحريڪ جي اڳواڻن سميت شھري شرڪت ڪندا تقريب ۾ ڏوھارين ھٿان زخمي آفيسرن اھلڪارن جي جلد صحتيابي لاء خصوصي دعائون گھريون وينديون

  1. پوليس جو جاڳڻ لنڪ روڊ تي هڪ وڌيڪ مقابلو، ڏوهاري مارجي ويو

شڪارپور: پوليس جو جاڳڻ لنڪ روڊ تي ھڪ وڌيڪ پوليس مقابلو ھڪ ڏوھاري نادر مھر مارجيويو آھي جڏھن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا آھن پوليس مطابق جاڳڻ لنڪ روڊ تي ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان بيٺا ھئا ته اسٽور گنج ٿاڻي جي گشت واري پوليس سان ڏوھارين جو مقابلو ٿيو جنھن ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو آھي مارجي ويل ڏوھاري وٽان ھڪ ڪلاشن ڪوف گوليون ھٿ ڪيون ويون آھن اسٽور گنج پوليس گناھ نمبر 142تحت مارجي ويل ڏوھاري نادر مھر سميت چھن جوابدارن مٿان مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو آھي

  1. فريال ٽالپر جو پارس بکراڻي سان فون تي رابطو، عيادت ۽ شاباسي

شڪارپور: سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن پي پي اڳواڻ فريال ٽالپر زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي سان فون تي رابطو ڪري سندس طبعيت معلوم ڪئي ۽ کيس پھنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي فريال ٽالپر چيو ته اوھان جھڙن بھادر پوليس آفسيرن تي سنڌحڪومت پيپلز پارٽي ۽ اسان سڀني کي اوھان تي فخر آھي اوھان پوري سنڌ اندر پوليس جو نالو روشن ڪيو اوھان ڪمال ڪيو آھي فريال ٽالپر زخمي پوليس اھلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي ۽ زخمي پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي بھتر طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.