لکي غلام شاھ (ت ر) پي ايس 9 ڳڙهي ياسين تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ جي يوآء پاران ورڪ، ڪارنر گڏجاڻيون گذريل ڏينهن تعلقه لکي ۾ يوسي جهان خان جي محبوب ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري، جتي ڪارڪن پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي، جنھن ۾ جي يو آء جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو ،مولانا سيد سراج احمد شاھ امروٽي ،مولانا عبدﷲ مھر ،مولانا محمد طيب ميکو، پي ايس 9 جي اميدوار پير سائين سيد رشد ﷲ شاھ امروٽي، مولانا غلام ﷲ مھر ،۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جمعيت علماء اسلام ملڪ ۾ مسجدن ،مدرسن ،دين ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڦرلٽ اغوا جي خلاف هميشه آواز اٿاريو آهي ، پيپلزپارٽي بک بدحاليءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ڏنو اڄ به اوھان ڪنهن اسپتال ۾ هليا وڃون اوھان کي مٿي جي سور جي ٽڪي به نه ٿي ملي،ان موقعي تي مولانا غلام ﷲ مھر ،مولانا تاج محمد مهر ،حافظ رفيق احمد شر ،مولانا منور حسین نعماني، محمد اسلم خان مھر، ۽ٻ يا پڻ موجود هئا.