ڪراچي(ذوالفقار راڄپر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني جي صدارت ۾ شروع ٿيو. سنڌ اسيمبلي اندر جماعت اسلامي جي ميمبر پاران پرائيويٽ ميمبرن جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ۾ بدامني بابت پيش ڪيل قرارداد رد ڪئي وئي. جڏهن ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورسي تي عام موڪل جو مطالبو ۽ حيسڪو جي خلاف مخالف ڌر جي ميمبرن جي قراردادن کي منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ ٻارن جي شادين خلاف به قرارداد منظور ڪئي وئي. ايوان جي ڪارروائي دوران، جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي پنهنجي قرارداد پيش ڪندي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار قرارداد جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سياق و سباق کان ٻاهر پيش ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ناهي، هن وقت سنڌ ۾ ڪو به آپريشن نه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته گهوٽڪي ۽ صادق آباد ۾ ماڻهن کي هني ٽريپ ڪيو پيو وڃي،ان خلاف اسان مڪمل آپريشن ڪرڻ وارا آهيون. هن چيو ته اسان پنجاب حڪومت کي اپيل ڪنداسين ته بهاولپور ۾ فرار ٿيل ڌاڙيلن تي نظر رکي وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ موٽر وي محفوظ آهي، اڄ شڪارپور ۾ منشيات فروشن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٻه ڊي ايس پي پوليس زخمي ٿيا، ٻئي هن وقت زندگي ۽ موت جي حالت ۾ ساه کڻي رهيا آهن، اهي ضياءُ الدين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جو تناسب گهٽجي ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي ايم-9 موٽر وي جي خراب حالت تي هڪ قرارداد پيش ڪندي چيو ته اهو غير محفوظ آهي جنهن جي ڪري حادثا هر روز ٿين ٿا. اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ايم-9 موٽر وي جي حالت بهتر ڪئي وڃي. پارلياماني معاملن جي وزير قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا دوست هن قرارداد کي قومي اسيمبلي ۾ کڻي وڃن يا ايم ڪيو ايم جا وزير هن ڪيس کي وفاقي حڪومت اڳيان کڻي وڃن. هن چيو ته قومي شاهراهن جي صورتحال اهڙي آهي جو ڳوٺن تائين به پهچي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ موٽر وي نالي ڪا به شيءِ موجود ناهي. هن ايم ڪيو ايم ميمبر اسيمبلي کان پڇيو ته هو پنهنجي پارٽي جي وفاقي وزيرن کي موٽر وي جو مسئلو اٿارڻ لاءِ چوي. جنهن تي عامر صديقي چيو ته، "ڇا هي اسان جي اسيمبلي ناهي؟ ڇا اسان کي هن اسيمبلي مان اٿي هليو وڃڻ گهرجي؟” ضيا لنجار چيو ته شهر اندر روڊ سنڌ حڪومت ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته موٽر وي پوليس جي صورتحال اها آهي جو حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ موٽر وي پوليس نظر نٿي اچي. آءِ جي موٽر وي کي پنجاهه ڀيرا ڪجهه ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي،سنڌ حڪومت کي هاءِ وي پوليس ٺاهڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن امير صديقي کي چيو ته مهرباني ڪري اهڙا مسئلا وزيراعظم اڳيان رکيا وڃن. هي قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن به ڪم جي ناهي. ايم ڪيو ايم ميمبر صابر قائمخاني حيسڪو جي خراب ڪارڪردگي بابت قرارداد پيش ڪئي. هن چيو ته گذريل ڇهن مهينن دوران حيسڪو جي ڪارڪردگي تمام خراب رهي آهي، ٽن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ بجلي ناهي، حيسڪو جي خراب رويي کي درست نه ٿو ڪيو وڃي،پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو چيو ته حيسڪو جي معاملن تي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ماڻهو ڪميٽي ذريعي پنهنجون تجويزون پيش ڪن. پيپلز پارٽي جي هير سوهو چيو ته اسان هن قرارداد جي حمايت ڪري رهيا آهيون. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حيسڪو جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ان ۾لاڳاپيل علائقي جي ميمبرن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي متفقه طور تي حيسڪو خلاف قرارداد منظور ڪئي. ايوان پيپلز پارٽي جي مليحه منظور پاران ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي بابت هڪ قرارداد منظور ڪئي. هن چيو ته ڪو به ڇوڪرو يا ڇوڪري 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي نٿو ڪري سگهي، سنڌ ٻارن جي شادي جو قانون پاس ڪيو آهي، جيڪو 2013 ۾ منظور ڪيو ويو هو. هاڻي بلوچستان ۾ به اهو قانون پاس ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته سنڌ مان 16 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين کي پنجاب يا ڪي پي کڻي وڃي شادي ڪرائي ويندي آهي، پنجاب ۾ اڃا تائين 16 سالن جو قانون موجود آهي. هن تجويز ڏني ته ائين بهتر ٿيندو جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي به قانون پاس ڪيو وڃي، مان هن قرارداد جي حمايت ڪريان ٿي. سنڌ اسيمبلي ٻارن جي شادين تي قرارداد پاس ڪئي وئي.