عدليه مان ٻه صوف چوري ٿيڻ تي ڪيس داخل، جج جو پٽ ٻه نينگريون ماري به آزاد!

اسلام آباد/ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سوشل ميڊيا تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ هٿان ٻن نينگرين کي گاڏي هيٺيان چيڀاٽي مارڻ وارو معاملو لڳاتار ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي، سينئر صحافي ثاقب بشير لکيو آهي ته هڪ ته گاڏي جي نمبر پليٽ جعلي هئي، ٻيو ته ڄاڻ موجب اها گاڏي نه جج جي هئي ۽ نه ئي جج جي پٽ جي  بلڪه جج جي پٽ جي ڪنهن دوست جي هئي۔هي اشرافيه جو ملڪ ناهي؟ ڪاروائي صرف ان خلاف ٿيندي آهي جيڪو ڪمزور آهي۔صحر انورد لکيو ته لاهور ۾ ايڊيشنل سيشن جج نور محمد بسمل جي ڪمرّي مان 2 صوف۽ هڪ هينڊ واش چوري ٿي ويو، جنهن جي ايف آءِ آر ٿاڻي اسلام پورہ ۾ داخل ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڏني ۽ چور کي ڳولڻ ۾ لڳي وئي آهي،ٻئي پاسي جج جي پٽ ٻن نينگرين کي قتل ڪري ڇڏيو،ڪا به ڪارروائي نه ٿي، وفاقي وزير خواجا آصف  جج جي پٽ واري معاملي تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مان ڌرين کي قطعي طور نٿو سڃاڻان،پر ڏک جي ڳالهه آهي ته مراعات يافته طبقو ڪهڙي طرح گهٽ وسيلا رکندڙ ماڻهن جو دولت ۽ اثر رسوخ جي آڌار تي استحصال ڪندو آهي،صولت پاشا خواجا آصف کي جواب ڏنو ته خواجا آصف!توهان کي خبر آهي ته قاتل هاءِ ڪورٽ جي جج جو پٽ هو،توهان ڄاڻو ٿا ته قاتل طاقتور آهي،ان ڪري پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ان واقعي تي هوميوپيٿڪ مذمت ڪري رهيا آهيو،عمار مسعود لکيو ته نه سيف سٽي اسلام آباد سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪئي،نه ڪنهن شاهد گواهي ڏني،نه ٽريفڪ پوليس ڪارروائي ڪئي،نه اڄ تائين اها خبر پئي ته گاڏي ۾ ڪير ڪير هو؟گاڏي جي نمبر پليٽ جي به تصديق نه ٿي،نه وڪيلن احتجاج ڪيو نه معزز ججن هڪ ٻئي کي خط لکيا،نه سول سوسائٽي ميڻ بتيون ٻاريون،نه وزيراعظم ڏکويل خاندان جي داد رسي ڪئي،5 ڏينهن ۾ تيز ترين انصاف ٿي ويو،احسن وحيد لکيو ته هڪ ننڍڙي جج جي آفيس مان 2 صوف چوري ٿيڻ تي ڪيس  به داخل ٿي ويو آهي ۽ اُن ويچاري کي سزا به ملي ويندي،ٻئي پاسي  جسٽس آصف جي پٽ ابوذر ٻن معصوم ڇوڪرين کي ماريو۔هن معاملي ۾ جج پاڻ به سولتڪار بڻيو،متاثر خاندان کي ايف آءِ آر به ڪرڻ نه ڏني وئي،حسن شبير نالي صارف چيو ته عام عوام جا ڪروڙين رپيا به چوري ٿي وڃن ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان ڪيٻائيندي آهي، البت جج صاحب جا ٻه صوف ۽ هينڊ واش جي چوري تي سڄي قوم سراپا احتجاج بڻيل آهي.حيدر مجيد هن کي مذاق ۾ "پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري” قرار ڏنو وقاص خليل لکيو ته هڪ پاسي اسلام آباد ۾ وڏي عدالت جي جج جو پٽ ٻن معصوم ڇوڪرين کي لتاڙي ماري ٿو، پر قانون چپ رهيو؛ ۽ ٻئي پاسي هڪ جج جي عدالت مان رڳو ٻن صوفن جي چوري جو ڪيس داخل ٿي ويو،صحافي عامر متين لکيو ته هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ تي ماڻهن کي پڪڙي ٽنگيو وڃي ٿو، جڏهن ته اشرافيه جي جج آصف جو پٽ بنا لائيسنس ٻن نينگرين کي لتاڙي ماري ٿو ۽ کيس معافي به ملي وڃي ٿي،۔اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي۔عدالتي ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري، ڪجهه اخلاقي معيار ڏيکارڻ گهرجن۔رياض حنيف راهي ايڊووڪيٽ ٿاڻي ۾ درخواست ڏني آهي ته جج جي پٽ جي گاڏي بابت سوشل ميڊيا تي چرچا آهن ته اها نان ڪسٽم پيڊ، ٻه نمبر واري گاڏي آهي، جنهن تي زيڊ زون جي ناکن کي پار ڪرڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽ لڳائي وئي هئي۔گاڏي جي قانوني حيثيت، ملڪيت، انجڻ ۽ چيسز نمبر، ۽ واجبات جي ادائيگي معلوم ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ رپورٽ داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته جج جي پٽ جي گاڏي جي جاچ ٿيڻ گهرجي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.