گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻن ڇوڪرين جو موت، جج جي پٽ کي معافي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ اسڪوٽي حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن ڇوڪرين جي وارثن جج جي پٽ کي معاف ڪري ڇڏيو، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شائستا ڪنڊي جي عدالت ۾ جج پٽ ۽ گرفتار جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جو  جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد پيش ڪيو ويو، عدالت آڏو فوتي ڇوڪرين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪرڻ جو بيان ڏنو، هڪ فوت ٿيل نينگري جو ڀاءُ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته سندس والده جو بيان آن لائن رڪارڊ ڪيو ويو، ٻي فوت ٿيل ڇوڪري جي والد جو بيان به عدالت ۾ قلمبند ڪيو ويو، ٻنهي خاندانن طرفان ٺاهه جو بيان ڏيڻ بعد جوابدار خلاف ڪيس ختم ڪيو ويو، متاثرن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.