ثقافت ڏهاڙو سنڌ جو قومي ڏينهن بڻجي چڪو آهي:زين شاهه

ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي طرفان هر سال جيان وانگر اڄ7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي آجيان ڪيون ٿا.هن چيو ته  ته هي ڏينهن هاڻي سنڌ جو قومي  ڏينهن بڻجي چڪو آهي جيڪي نه صرف سڄي سنڌ پر سڄي دنيا ۾ سنڌي اجرڪ ٽوپي پائي ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي مفادن لاءِ پڻ سنڌ جي ميڊيا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي جيڪا ڳالھ خوش آئيند آهي،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن کي هدايت ٿي ڪجي ته هن ڏينهن تي سڄي سنڌ سان گڏ ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور ملهايو وڃي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو وڃي جنهن سان قوم اندر نئون اتساھ ۽ اتحاد مضبوط ٿئي.

ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو وڃي:ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ سونهاري پيار، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتيءَ آهي، ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ کي ڪرپشن، منشيات ۽ ڌاڙيل ڪلچر کان نجات حاصل ڪرڻ جو عزم ڪيو وڃي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن جي  دولت سان مالا مال هجڻ جي باوجود ڀٽائي گهوٽ، سچل، سامي ۽ لعل شهباز جي سرزمين اڄ بُک، بدحالي ۽ غربت جي عملي تصوير بڻيل آهي، ڪرپشن جي خاتمي، امن، ترقي توڙي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ قابل ۽ ايماندار قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو، نااهل قيادت جي ڪري خوشحال سنڌ جو عوام اڄ جي جديد دور ۾ پڻ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جهڙين شين کان محروم آهي.

سنڌ واسي ” سنڌ جو نعرو ،  ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ جي نعري سان اڄ  ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي سنڌ سميت ڪائنات جي گولي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل سنڌي” سنڌ جو نعرو، ڪرپشن کان ڇوٽڪار“ جي سر ي هيٺ هزارين ورهين جي شاهڪار تهذيب ۽ ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندي قومي ۽ ثقافتي عيد ملهائيندا. سنڌ واسي ڪرپشن ۽ بدعنواني جي  هر شڪل کي رد ڪندي پنهنجا تعليمي ادارا، صحت، خدمت سميت هر اداري کي ڪرپشن کان آجو ڪرائي سنڌ کي ترقي يافته خطن جي صف ۾ بيهارڻ جو وچن ورجائيندا. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سميت سڄي پاڪستاني قوم کي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي دل سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پڌرائي  موجب  پ پ چيئرمين چيو ته سنڌي ثقافت پاڪستان جي مختلف ثقافتي گلدستي ۾ هڪ روشن ۽ خوش رنگ گل آهي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ترين ۽ مضبوط تهذيب ۽ تمدن مان هڪ جي وارث آهي، جنهن جي دانائي، سخاوت ۽ انسان دوستي نسل در نسل دلين کي روشن ڪندي آئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي اجرڪ، ٽوپي، شاعري ۽ موسيقي صرف علامتون نه آهن، پر اهي سنڌو تهذيب جون زندهه ڌڙڪڻيون آهن، جيڪي هزارين سالن کان انسانيت کي محبت، هم آهنگي ۽ پرامن بقاءِ باهمي جا اصول سيکاري رهيون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان هر وفاقي اڪائي جي ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ، عزت ۽ جشن جي مضبوط عزم کي ٻيهر ورجائيندي چيو ته انهن جي پارٽي ثقافتي ترقي کي هٿي ڏين، روشن رواجن جي تسلسل ۽ انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ مصروف رهي ٿي ته ثقافتي وقار ۽ قومي ترقي گڏجي اڳتي وڌن.

سنڌي قوم سدائين وسيلن ۽ درياهه جو تحفظ ڪندي رهندي:اياز لطيف

حيدرآباد /اوساڪا (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان پاران اوساڪا شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙو جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جڏهن ته جاپان ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي عورتن ۽ ٻارن سوڌو  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، اياز لطيف پليجي ثقافتي ڏينھن جون مبارڪون ڏيندي چيو ته ثقافتي ڏينهن ان عنوان سان ملهايون ته سنڌ جي درياهه، زمينن، وسيلن، امن، ميرٽ ۽ وحدت تي حملا نامنظور، سنڌ ثقافت ۽ تھذيب جي ماءُ آهي، ثقافتي ڏهاڙو سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي گڏي ھڪ تسبيح ۾ پوئي ٿو، ثقافت، علم ۽ ادب کانسواءِ قومون کوکليون ھونديون آهن، سنڌي قوم سدائين پنھنجي ڌرتي، وسيلن، درياھ جو تحفظ ڪيو آھي، ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي. پنھنجي درياھ، وسيلن، ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاءِ بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي، اسان کي پنهنجي ھزارين سالن جي ثقافت ۽ تھذيب جو مالڪ ھجڻ تي فخر آهي، شاھ لطيف جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو، اسان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون به اسان کي عزيز آھن، سنڌ  امن، فن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.