پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ڪابينا 9 مئي جي ڪيسن کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا شاهه فيصل اتمانخيل چيو ته صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ 9 مئي جي ڪيسن کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته رياست 9 مئي جي 51 ڪيسن ۾ ڪابينا جي منظوري تي ڀروسو ڪندي، ان کان سواءِ 9 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي به منظوري ڏني وئي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وڏي وزير مون کي خاص طور تي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ طلب ڪيو هو. سرڪاري ذريعن موجب ڪيسن ۾ سزا ملڻ جي صورت ۾ اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي جو خطرو آهي.