عمران دور جو خاص مددگار شهزاد اڪبر اشتهاري قرار

اسلام آباد(م ڊ) برطانيا ۾ رهندڙ اڳوڻي وزيراعظم جي خاص مددگار مرزا شهزاد اڪبر کي جمعي ڏينهن هڪ ڪيس ۾ اشتهاري  جوابدار قرار ڏنو ويو آهي، هي ڪيس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس  تي  تڪراري بيانن سان لاڳاپيل آهي.  نيشنل سائبر ڪرائم  ايجنسي هن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو. جوڊيشل مجسٽريٽ محمد عباس شاهه جي طرفان جاري ڪيل عدالت جي حڪم نامي موجب، هي فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ڇو ته شهزاد اڪبر ڪيترائي سمن جاري ٿيڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو. حڪمنامي ۾ شهزاد اڪبر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.