عمران سان گهر ڀاتين جي مهيني کانپوءِ ملاقات، ذهني ٽارچر جو الزام

 راولپنڊي (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سندس ڀيڻ عظميٰ خان جي 29 ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي وئي ۽ عظميٰ خان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي.عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ خان چيو ته عمران خان مڪمل طور صحتياب آهي، باني چيو ته اهي نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ڏيندا آهن ۽ نه ملاقات ڪرائيندا آهن، مون تي ذهني ٽارچر ڪري رهيا آهن، ان جو ذميوار هڪ شخص آهي. هن چيو ته عمران خان وڏي ڪاوڙ ۾ هو، کيس سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رکيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪرندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.