اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءٌ الله چيو آهي ته عمران خان جو حق آهي ته هو پنهنجي خاندان ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪري، پر سياست تي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي سگھي. خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته علي امين گنڊاپور ڪجهه ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ان کي هٽائي سهيل آفريدي کي مقرر ڪيو ويو آهي. رانا ثناءُ الله چيو ته جيل جا قاعدا 265 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ملاقاتن دوران سياست جو تذڪرو ناهي ٿي سگھندو. عمران خان جي ڀيڻ سان هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ٿي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي صحت بلڪل ٺيڪآهي، ۽ڀيڻ سان ملاقات کان اڳ، ان جي زال بشري بي بي سان پڻ ملاقات ٿي آهي. رانا ثناء الله ٻڌايو ته اڄ ملاقات لاءِ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل طرفان شرط رکيو ويو هو ته عظمي خان عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس نٿيون ڪري سگھي.