مقامي ڳوٺاڻن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي ايجوڪيشن سٽي واري معاملي تي ضلعي ملير جي چونڊيل نمائندن جي ڊپٽي ڪمشنر ملير سان اهم گڌجاڻي، گڏجاڻي ۾پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ايم پي اي محمد سليم بلوچ، ايم اين اي آغا رفيع الله، صوبائي وزير شاهينا شير علي، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ايجوڪيشن سٽي جي قيام جي حوالي سان مقامي ڳوٺاڻن جي خدشن متعلق بحث ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مقامي ڳوٺاڻن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا ايجوڪيشن سٽي منصوبي ۾ ڳوٺاڻن جي خدشن کي ختم ڪندي پنهنجون سفارشون چيف سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير کي موڪليون وينديون، پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر ايم پي اي راجا رزاق بلوچ عوامي آواز کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ملير جي چونڊيل نمائندن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي ۽ ايجوڪيشن سٽي ملير ۾ ملير جي ڳوٺاڻن جي خدشن بابت آگاهي ڏني، اڄوڪي ڊپٽي ڪمشنر ملير سان ملاقات گذريل ڏينهن واري گڏجاڻي جو تسلسل آهي، ڊي سي ملير سان ملير جي چونڊيل نمائندن طئي ڪيو ته ايجوڪيشن سٽي کي ملندڙ اضافي 10700 ايڪڙ زمين جو ري سروي ڪيو ويندو، ايم پي اي راجا رزاق ٻڌايو ته ايجوڪيشن سٽي ۾ ڳوٺاڻن جي سروي زمين، قبرستانن جي زمين، زرعي زمينن کي محفوظ بڻايو ويندو، ڊي سي ملير ايجوڪيشن سٽي جي زمين ري سروي ڪرائي وزير اعليٰ سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.