پشاور (م ڊ) پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، 3 آپگهاتي بمبار مارجي ويا جڏهن ته ٽن ايف سي اهلڪارن شهادت ماڻي، سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملو صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو، حملي کانپوءِ سنهري مسجد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ کي صدر روڊ ڏانهن موڙيو ويو، سي سي پي او پشاور چيو ته 3 آپگهاتي بمبارن فيڊرل ڪانسٽيبلري تي حملو ڪيو، هڪ حملي آور مُک گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻن آپگهاتي بمبارن ايف سي هيڊڪوارٽر جي اندر داخل ٿيا، سي سي پي او موجب، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن ٻنهي حملي آورن تي فائرنگ ڪئي، ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، ايف سي جي جوانن بهادري سان حملو ناڪام بڻايو. ڊپٽي ڪمانڊنٽ جاويد اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حملي ۾ ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن دليريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، حملي ۾ ايف سي جا ٽي اهلڪار شهيد ٿيا. اسپتال ذريعن موجب، حملي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، زخمين ۾ 3 ايف سي اهلڪار ۽ 6 شهري پڻ شامل آهن، سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ سندن تسلي بخش آهي. ايف سي هيڊڪوارٽر حملي جو هڪ زخمي خيبر ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي کانپوءِ خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ اسٽاف کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي بعد ٽرانس پشاور سيڪيورٽي خدشن سبب بي آر ٽي سروس عارضي طور معطل ڪري ڇڏي، بي آر ٽي جي مرڪزي ڪوريڊور تي بسن جي سروس معطل ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سبب وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي وياسين، وزيراعظم زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري، سيڪيورٽي ذريعن موجب پشاور ۾ صدر ڪوهاٽ روڊ تي ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ايف سي جي بهادر جوانن ناڪام بڻائي ڇڏيو، ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل ٽئي دهشت گرد افغان شهري هئا، مارجي ويل دهشت گردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي، پوليس رپورٽ موجب هڪ خودڪش حملي آور پنڌ ايف سي هيڊڪوارٽر جي گيٽ تائين پهتو، دهشت گرد کي چادر ويڙهيل هئي، خودڪش بمبار مرڪزي گيٽ جي ناڪي تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، پوليس رپورٽ موجب حملي آور اندر داخل ٿيڻ بعد موٽرسائيڪل اسٽينڊ تي پهتا، خودڪش حملي آورن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ سمورا ٽئي دهشتگرد مارجي ويا.