ڪراچي/کوکراپار(رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊينگي جي صورتحال بابت روزاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 50 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ 33 مريض رپورٽ ٿي چڪا آهن، گذريل ڏينهن صوبي ۾ ڊينگي سبب ڪنهن به قسم جي ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي۔ سڄي صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ مجموعي طور 5070 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 559 ماڻهن جا ٽيسٽ هاڪاري آيا،ٻئي پاسي ملير جي علائقي درساڻو ڇنو ۾ ڊينگي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي، علائقي ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ڪيترائي ماڻهو مبتلا ٿي پيا علائقي واسين الطاف جوکيو، جبار جوکيو، ارسلان جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صحت کاتي کان پرزور مطالبو ڪيو ٿا ته متاثر علائقن ۾ فوري اسپري، فيوميگيشـن ۽ صفائي سٿرائي جو بندوبست ڪيو وڃي،