جواب جمع نه ڪرائڻ تي مختيارڪار اسلام ڪوٽ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام ڪوٽ(ت،ر)صوبائي محتسب اعليٰ پاران شڪايتن بابت جواب جمع نه ڪرائيندڙ مختيارڪار اسلام ڪوٽ کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم،صوبائي محتسب اعليٰ محمد سهيل راجپوت پاران عوامي شڪايتن بابت بار بار جاري ٿيندڙ نوٽيسن بابت جواب جمع نه ڪرائيندڙ مختيارڪار اسلام ڪوٽ جي گرفتار گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، صوبائي محتسب پاران ايس ايس پي ٿرپارڪر کي  حڪم جاري ڪندي مختيارڪار اسلام ڪوٽ انور هڱورجو کي گرفتار ڪري 4 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، محتسب اعليٰ ٿرپارڪر محمد عمر پنھور رابطي تي ٻڌايو ته مختيارڪار انور هڱورجو خلاف عوام جون ڪافي شڪايتون پھتل آھن، مھينو اڳ مختيارڪار کي طلب ڪيو پر حاضر نه ٿيڻ جي صورت ۾ مٿي لکيو ويو، مختيارڪار اسلام ڪوٽ محتسب اعليٰ ٿرپارڪر جي حڪمن کي مسلسل نظرانداز ڪيو، صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ سيڪريٽريٽ پاران ايس ايس پي ٿرپارڪر کي مختيارڪار اسلام ڪوٽ انور ھڱورجو کي گرفتار ڪرڻ جو وارنٽ جاري ڪيو ويو، جنھن جي 20 ھزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ٿي سگھي ٿي پر پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ھاڻوڪو نڪرندڙ وارنٽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.