ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اي چالان ٽريڪس سسٽم جي شروعات ڪراچي مان ڪئي وئي آهي، پر جلد ئي ان جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌايو ويندو، هن اها ڳالهه منظم ڏوهن خلاف قومي حڪمت عملي عنوان سان سنڌ پوليس ميوزيم ڪراچي ۾ منعقد ٿيل هڪ روزه سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ٽريفڪ اي چالان ٽريڪس جديد سڌارن جو بهترين مثال آهي، جيڪو ڪئمرا بيسڊ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي ۽ ٽريفڪ خلاف ورزين کي خودڪار طريقي سان رڪارڊ ڪندو، هاڻ ٽريفڪ پوليس کي نه هٿ سان چيڪنگ جي اجازت آهي ۽ نه ئي دستي چالان ڪرڻ جي، جنهن سان پوليس خلاف شڪايتون ۽ منفي تاثر مڪمل طور ختم ٿي ويندو، هن چيو ته ٿاڻن جي بجيٽ جي استعمال جا اختيار ايس ايڇ او وٽ هوندا ۽ سب انسپيڪٽر رينڪ جو آفيسر پڻ ايس ايڇ او مقرر ٿي سگهي ٿو، مالي خودمختياري سان ٿاڻا ڪلچر ۾ نمايان سڌارو ايندو، پاڪستان ۾ منظم ڏوهن خلاف قومي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ انتهائي ضروري آهي، جنهن لاءِ سول سوسائٽي، اڪيڊميا، واپاري برادري، ميڊيا ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جو گڏيل سهڪار لازمي آهي. اهڙن سيمينارن سان معاشي عدم استحڪام ۽ منظم ڏوهن جي خاتمي لاءِ رستو متعين ٿئي ٿو، ڀتا خوري ۽ اغوا براءِ تاوان جهڙا ڏوهه هاڻي انتهائي گهٽجي چڪا آهن، جڏهن ته انصاف جي نظام کي مضبوط بڻائي جوابدارن کي سزا ۽ متاثرنکي انصاف مهيا ڪيو پيو وڃي.