ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ، غير قانوني شڪار ۽ ريتي ۽ بجري ڪڍڻ جي خلاف درخواست تي نوادرات کاتي پنهنجو جواب جمع ڪرايو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جهنگلي جيوت، ثقافت ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو،عدالت درخواست جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت سنڌ حڪومت کي کيرٿر نيشنل پارڪ لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت سيڪريٽري جهنگلي جيوت کان کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جيوت بابت گذريل ڏهن سالن ۾ کنيل قدمن تي رپورٽ طلب ڪئي آهي .درخواست گذار حفيظ بلوچ چيو ته نقصان جو خدشو آهي، جهنگلي جيوت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، درخواست گذار حفيظ بلوچ چيو ته نيشنل کير ٿر پارڪ ۾ 114قسم جا جانور، مڇيون ۽ پکي سميت ٻيون شيون موجود آهن .هن جي ڪجهه حصي مان ريتي ۽ بجري ڪڍي ڪمرشل ڪيو پيو وڃي.