پيرجوڳوٺ/ پريالوءِ (رپورٽ: وسيم سنڌي/ عامر صوبل اوڍو) پيرڳوٺ ڀرسان جتوئي _ الرا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ، ڪڻڪ جي پوکائي ڪندڙ 3 پورهيتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪچي جي الرا جاگير واري علائقي ۾ الرا _ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي پوکائي ڪندڙ الرا برادري جا 3 ماجد الرو، ڌڻي بخش الرو، گلڻ الرو ۽ جتوئي برادري جو اعظم جتوئي موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته منٺار الرو، رحيم الرو واٽهڙو اسحاق اوڍو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي خيرپور ۽ سکر جي اسپتال ڏانهن ڳڻتي واري حالت ۾ منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهرن ڏانهن پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته 4 ڄڻن جي قتل ۽ 4 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ان سلسلي ۾ الرا برادري جو چوڻ آهي ته صبح سوير اسان جا ماڻهو زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪري رهيا هئا ته جتوئي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري 3 ڄڻن کي قتل ۽ 3 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي. جتوئي برادري اسان مٿان حملو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور سردار حسن نيازي جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل علائقن ۾ 10 کان وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ سان گڏ وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.