جيئن ته ڪنهن به اسيمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن جو قانون سازي ڪرڻ حق هوندو آهي تيئن ئي ان قانون سازي خلاف ردعمل ڏيڻ يا احتجاج ڪرڻ به مخالف ڌر جو حق هوندو آهي. اهو غير جمهوري رويو آهي ته جيڪڏهن ڪا مخالف ڌر يا سياسي جماعتون 27 هين ترميم کي نه مڃيندي احتجاج ڪن ۽ ريليون ڪڍن ته حڪمران انهن خلاف ڪيس ٺاهن. اهڙو واقعو ٽيون ڏينهن سنڌياڻي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ ڪيل مارچ جي حوالي سان ٿيو آهي جنهن بابت رپورٽون آهن ته ريلي ڪڍڻ تان سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن، نامياري دانشور جامي چانڊيي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وسند ٿري، وڪيل اسرار چانگ سميت 500 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
اهو به درست عمل ناهي ته جمهوري حڪومتون سياسي سرگرمين يا تحريڪن کي روڪڻ لاءِ 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏين. اهڙا قانون اصل ۾ مارشل لائن ۽ آمريتي حڪومتن ۾لاڳو ڪيا ويندا آهن ته جيئن سياسي سرگرميون روڪي سگهجن. ان حوالي سان پاڻ اهو به نوٽ ڪرائيندا رهندا آهيون ته اسان جي حڪومتن جي طرز حڪمراني ورهاڱي کان اڳ قابض انگريز حڪمرانن جهڙي آهي جيڪي پنهنجي حڪومت جي مفاد ۾ سياسي سرگرمين کي طاقت سان روڪڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪندا هيا پر اسان جي چونڊيل حڪومت کي سندن نقل ڪرڻ کان اڳ اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته انگريز اڻ چونڊيل ۽ قابض حڪمران هيا جڏهن ته اوهان جون حڪومتون چونڊيل آهن تنهن ڪري چونڊيل حڪومتن کي غر جمهوري رويا اختيار نه ڪرڻ گهرجن.
جيڪي حڪومتون عوام جي ووٽن سان چونڊجي اينديون آهن تن کي جمهوري حڪومتون چئبو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جون چونڊيل حڪومتون پنهنجي روح ۾جمهوري نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه ئي جمهوري روح پٽاندڙ پارليامينٽ جي اندر يا ٻاهر موجود سياسي ۽ مخالف جماعتن کي اظهار جي آزادي يا مخالف سياست ڪرڻ جو حق ڏئي سگهيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جي ملڪ اندر عوام کي جمهوريت جو ڪو خاص فائدو نه ملي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي چونڊيل حڪومتن جو روح به آمراڻو ۽ غير جمهوري رهيو آهي جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان ملڪ ۽ جمهوريت کي رسندو رهيو آهي.
اسان جي موجوده حڪومتن جي آمراڻي رويي ۽ طريقيڪار جو مثال 144 جو قلم لاڳو ڪري جمهوري ۽ سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي ڪوشش آهي. اهو 144 جو قلم ئي آهي جنهن کي بنياد بڻائي سنڌياڻي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ ڪيل ريلي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهو به شڪر ٿيو جو ان موقعي تي پوليس پنهنجي روايتي ڪارروائي ڏينکاريندي ان سياسي هجوم کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڪا فائرنگ يا لٺ بازي نه ڪئي جنهن سبب ڪو خراب واقعو نه ٿيو شايد وڏي هجوم کي ڏسندي مقامي انتظاميا ۽ پوليس پوئتي هٽي وئي جنهن کي اسان درست عمل سمجهون ٿا پر جيڪڏهن خدانخواسته پوليس ڪا غلط ڪارروائي ڪري ها ۽ ان نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿين ها ته مڪمل طور تي وڳوڙي حالتون پيدا ٿي وڃن ها پر ڏسجي ته اهڙو خطرو هاڻي به موجود آهي ۽ اهو خطرو تيستائين موجود رهندو جيستائين 144 جو قلم هٽايو نه ويندو.
هن وقت سياسي حالتون خاص ڪري 27 هين ترميم جي پاس ٿيڻ کان پوءِ گرم ٿي ويون آهن. سڄي ملڪ جي مخالف ڌر ۽ خاص ڪري وڪيل برادري سراپا احتجاج آهي. اهي 27 هين ترميم کي آئين تي حملو ۽ سپريم ڪورٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش سمجهن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سکر ڪنوينشن ۾ به چتاءُ ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن هفتي اندر 27 هين ترميم خلاف درخواستون نه اڪلايون ويون ته سڄو ملڪ بند ڪري ڇڏينداسين. سکر ۾ ته وڪيلن جي ريلي تي حملو به ٿيو هو. چوڻ جو مطلب ته 27 هين ترميم خلاف هاڻي ڏينهون ڏينهن احتجاج وڌندا ويندا جيڪڏهن ۽ اهي احتجاج تحريڪ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا جيڪڏهن انهن احتجاجن ۽ تحريڪن کي طاقت سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا رهيا ته پوءِ اهو ورتاءُ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جي برابر ٿيندو. ان ڪري حڪومت کي جوش بدران هوشمندي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
اصولي طور تي جمهوريت جي روح پٽاندڙ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ڪا به تڪراري قانون سازي ٿيڻ ئي نه گهرجي ۽ ان خلاف ٿيل ردعمل توڙي احتجاج کي اظهار جي آزادي طور ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڌارڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته ان خلاف طاقت استعمال ڪجي ۽ ڪيس داخل ڪجن پر جيئن ته اسان مٿي ٻڌاي آيا آهيون ته اسان جون حڪومتون پنهنجي وجود ۾ غير جمهوري ۽ آمريتي آهن تنهن ڪري اهي انهن احتجاجن کي جمهوري روح تحت نه ٿيون ڏسن جيڪا هن ملڪ، جمهوريت ۽ عوام جي بدقسمتي آهي.
پنهنجو خيال اهو آهي ته جيستائين ملڪ آهي، پارليامينٽ آهي ۽ سياست آهي تيستائين مخالف سياسي موقف ۽ مخالف سياسي جماعتن جو وجود رهڻو آهي. ان صورت ۾ سندن سياسي سرگرميون به جاري رهڻيون آهن تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته سندن سياسي وجود کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سندن مخالف موقف جو احترام ڪيو وڃي ايئن ئي ملڪ جو سياسي نظام هلي سگهي ٿو باقي جيڪڏهن مخالف سياسي سرگرمين کي روڪبو، ڪيس ٺاهبا، گرفتاريون ڪبيون ته حالتون وڳوڙي ٿي وينديون ۽ پوءِ بغاوتون به ڦٽي نڪرنديون تنهن کان بچاءُ جو طريقو اهو آهي ته سياسي سرگرميون ڪرڻ ڏجن ۽ اظهار جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي، ان ۾ ئي جمهوريت جو حسن آهي ۽ سياسي ملڪي نظام جي بقا سمايل آهي. جيستائين اسان جون حڪومتون اها ڳالهه سمجهن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن تيستائين اسان 27 هين ترميم خلاف ٿيندڙ احتجاجن خلاف حڪومتي ڪارروائي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر کي غير جمهوري ۽ مذمت جوڳو عمل سمجهون ٿا.