جج اسان کان وڏا سياستدان آهن،انهن جو ڪڏهن به احتساب ناهي ٿيو:خواجا آصف

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي عدليا جي ڪردار بابت ٽوئيٽ تي سوشل واهپيدارن سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. خواجا آصف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جيڪا ڇوٽ ڏئي رهي آهي ان تي اعتراض ڪيو پيو وڃي، خط لکيا پيا وڃن، عدالتي سڌارن ۾ ان جي آزادي تي پابندي يا اختيار ڪنهن ٻئي اداري کي نه پيا ڏنا وڃن، پر ان تي اعتراض واريا پيا وڃن. هن چيو ته جسٽس منير کان ويندي نسيم حسن شاهه ۽ ارشاد حسن خان ۽ پاناما ججن جيڪي ڏوهه ڪيا، ڇا خط لکڻ وارن کي پنهنجي اداري جي تاريخ ياد ناهي؟ يا اهي چونڊيل يادداشت جي بيماري جا مريض آهن. هن چيو ته عدليا نه رڳو ڀٽو کي ڦاهي ڏني پر وري وري آئين جو قتل ڪيو. مان ذاتي طور هڪ خط لکندڙ جج جي قانون ۽ آئين جي پاسداري جي تاريخ ڄاڻيان ٿو. خواجا آصف کي جواب ڏيندي سوشل ميڊيا واهپيدارن ياد ڏياريو ته جرنيلن ۽ سياستدانن جو به اهڙو ئي ڪردار آهي. هارون خان جدون لکيو ته پاڪستان ۾ جيترو ڪارو ڪردار ججن جو آهي، اوترو ئي جرنيلن ۽ سياستدانن جو به آهي. قانون کان مٿانهون ڪير نه هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به ڇوٽ ڏيڻ ملڪ ۽ قوم سان ظلم آهي. ڪير به ڏوهه ڪري، کڻي جج، جرنيل، سياستدان يا عام مانهو هجي، سڀني کي قانون سامهو پيش ٿيڻ گهرجي. حبيب گل لکيو ته هتي ڪير به کير جو ڌوتل ناهي، جنهن وٽ جيتري طاقت آهي، اهو اوترو ئي ظالم ۽ جابر آهي، ٻي دنيا ۾ آئين ۾ ترميم ماڻهن جي مفاد لاءِ ٿئي ٿي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ترميم اشرافيا جي بچاءَ لاءِ ٿئي ٿي، پوءِ به انهن ماڻهن کي ڪو  شرم نٿو اچي. وجاهت آصف چيو ته جيڪڏهن هي پارليامينٽ عوام جي نمائندگي ڪري ها ته ڇوٽ ڪنهن کي نه ڏئي ها. رحمت عالم جواب ڏنو ته ڏسو پاڪستان جو بچاءَ وارو وزير ڪيترو سنجيده آهي. ملڪ ۾ هڪ ئي ڏنهن ۾ 3 دهشتگرد حملا ٿيا آهن ۽ هن جا حوال ٻڌو. ڪا ذميواري ناهي، ڪو شرم ناهي، ڪير پڇڻ وارو ناهي. پاڪستان ۾ ڪو صحافي حڪومت کان سوال ڇو نٿو پڇي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.