اسلام آباد (امتياز گل) دهشتگردي جا واقعا، پاڪ، افغان ڌرين ۾ ڳالهين جي جنگ ۽ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اهڙي موقعيتي اهو سڀ ٿي رهيو آهي جڏهن هڪ ڏينهن اڳ 27هين آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ به ان لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان ۾ ڪا رنڊڪ نظر نٿي اچي. ذريعن موجب، ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي وينٽي ليٽر تي هو ۽ لاڏاڻو ڪري چڪو هو پر ان جو اعلان ان لاءِ نه ڪيو ويو ڇو ته سينيٽ جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پوي ها. يعنيٰ عرفان صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ به سينيٽ جو اجلاس جاري رکيو ويو ۽ خبر کي عام نه ڪيو ويو. ان ڏس ۾ 3 خط به سامهون آيا آهن. بئريسٽر فيصل صديقي 38 ڄڻن چيف جسٽس کان 27هين ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس جو مطالبو ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله به چيف جسٽس کي خط لکيا. 2007 ۾ جڏهن مشرف چيف جسٽس افتخار چوڌري جي انڪار کانپوءِ 60 کان وڌيڪ ججن کي معطل ڪيو هو، ان وقت يحييٰ آفريدي وڪيل طور سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ۽ چيو هو ته عدليا تي حڪومت جي قبضي جي ڪوشش غلط آهي ۽ ان کي غلط قرار ڏنو وڃي پر هاڻي جڏهن هو چيف جسٽس آهي ته سپريم ڪورٽ کي ورهائڻ تي خاموش آهي. ان تي سندس اڳوڻا ساٿي جسٽس منصور ۽ اطهر من الله سندس خاموشي تي سوال اٿاري رهيا آهن. مذهبي اسڪالر مفتي تقي عثماني چيو ته ڪنهن کي به عدالتي ڇوٽ ڏيڻ غير شرعي آهي. اڄ به عدليا تي قبضو ڪندڙ ساڳيا آهن پر سندن ارادا مختلف آهن. جسٽس منصور ۽ اطهر من الله چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي ڪجهه غيرت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته عدليا جي آزادي تي حملو ٿي رهيو آهي ته ڇو نه گڏجي حڪمت عملي طئي ڪريون. هي اها ئي ڳالهه هئي جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم ڪورٽ کي چيو هو ته اچو گڏجي حڪمت عملي ٺاهيون پر اهو ڪيس به نه لڳي سگهيو هو. وڪيل فيصل صديقي به چيو آهي ته عدليا کي 1956 ۾ سپريم ڪورٽ جي قيام کانپوءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، جيڪڏهن غيرجانبداري ۽ قانونسازي ۾ مداخلت جي بهاني تي درخواست رد ڪئي وئي ته چيف جسٽس لکت ۾ جواب ۾ تسليم ڪري ته هاڻي هو پاڪستان جو آخري چيف جسٽس بڻجڻ تي راضي آهي ۽ اعليٰ عدالت جي طور تي سپريم ڪورٽ جي خاتمي کي قبول ڪرڻ تي راضي آهي. جنهن تي اسان کي اوهان مان سپريم ڪورٽ جو محافظ هجڻ جي اميد نه رهندي.