ترميم ذريعي اشرافيه کي احتساب کان آجو بڻايو پيو وڃي\بئرسٽر گوهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ وزيرِ قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو ، جنهن تر مخالف ڌر ميمبرن احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾  وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ قومي اسمبلي اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي اپوزيشن پاران شديد احتجاج ۽ گوڙ  ڪيو. وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته 27هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ٿيو، گڏيل پارليماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن کي پڻ ويهڻ گهرجي ها.اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ آئيني معاملن لاءِ آئيني عدالتون هونديون آهن، ٻين ملڪن ۾ ججز جي مقرري جوڊيشل ڪميشن ذريعي ٿيندي آهي، ميثاقِ جمهوريت ۾ به آئيني نظام جو بنيادي نڪتو شامل هو. هن چيو ته سوموٽو ذريعي ملڪ جو معاشي نظام برباد ڪيو ويو، ڪٿي کان شروع ڪجي؟ ڇا چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪلڻ سان شروع ڪجي؟ اداڪارن جا ڪيس هجن يا ڪسٽم سامان تي سوموٽو وٺڻ جو سلسلو رهيو، بل ۾ سوموٽو جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ طريقيڪار مقرر ڪيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن اها ترميم منظور ٿي، ته موجوده چيف جسٽس ئي آئيني ڪميشن ۽ ادارن جي سربراهي ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو فيصلو ڪري ۽ جج جي بدلي، جيڪڏهن جج ڪميشن جي حڪم تي وڃڻ کان انڪار ڪري ته هو رٽائرڊ سمجهيو ويندو. ڏٺو ويندو ته جج کي ڪيتري مهينا يا سال لاءِ ڪنهن تبادلي تي موڪليو وڃي.وفاقي وزيرِ قانون چيو ته فوج جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن ڀارت حملو ڪيو ته ايوان به تيار هو، ۽ سڀ متحد ٿي ڀارت خلاف موقف اختيار ڪيو. ڀارت کان فتح کانپوءِ او آءِ سي ۽ عرب ملڪن ان کي ساراهيو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري آرمي ايڪٽ تحت ٿيندي آهي، فيلڊ مارشل هڪ رينڪ آهي جيڪا ڪيترن ملڪن ۾ آهي، ۽ اهو اعزاز تاحيات رهندو آهي. اسان وار ڪميٽي جو حصو هئاسين ۽ ڏٺو ته فوج جي سربراهه بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. فيلڊ مارشل جو رينڪ وٺڻ کانپوءِ ضروري سمجهيو ته ان کي آئيني حدن ۾ آندو وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته صدر لاءِ ڇوٽ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪڏهن صدر ٻيهر پبلڪ آفيس ۾ ايندو ته ڇوٽ ختم ٿي ويندي، اسان جي درخواست آهي ته ان تي بحث ڪرائي ۽ پوءِ ووٽنگ ڪئي وڃي. 59 مان 47 تراميم آئيني عدالت جي قيام سبب ڪرڻيون پيون، اپوزيشن دوستن کي چيو ته هڪ ٻئي کي ٻڌن ۽ هڪ ٻئي جي تصحيح ڪن. چيئرمين پي ٽي آئي بيرسٽر گوهر چيو آهي ته مردِ آهن جڏهن جيل کان ٻاهر نڪري ايندو، ته اهي عدالتون ختم ڪري ڇڏيندو. قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان قانون ٺاهيون ۽ قانون کان ڇوٽ وٺي وٺون، ڇا اسان هڪ اهڙو اشرافيائي ڪلاس آڻڻ چاهيون ٿا جيڪي قانون کان مٿانهون هجي؟ جيڪڏهن آصف زرداري تي ڪرپشن جا الزام آهن، ته ڇا هو عدالت ۾ پيش ٿي ڪري نٿو چئي سگهي ته مون تي لڳايل الزام غلط آهن؟ بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته توهان چيف جسٽس آئيني عدالت جو لفظ استعمال ڪيو ۽ ان ۾ اهو پڻ شامل ڪيو ته وزيراعظم ان کي مقرر ڪندو، هي آئيني ترميم جو عمل مڪمل غلط آهي ۽ جمهوريت لاءِ زهر قاتل آهي. توهان ٻن لوٽن جي ووٽن سان ترميم پاس ڪرائي آهي، جيڪي لوٽا ٻهڻ ۽ عوام جي خدمت ۾ ناڪام ٿيندي. ريلوي واري وزير حنيف عباسي پي ٽي آءِ کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن رويو تبديل نه ڪيو ته ائين نه ٿئي جو انهن جي ليڊر جي وقت کان اڳ ئي فاتحه پڙهي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي حنيف عباسي فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 78 ورهين جي تاريخ ۾ اڄ جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي. شازيا مري چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صدر کي ڇوٽ حاصل آهي. شازيا مري چيو ته عمران  حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اپريل 2022 ۾ قومي اسمبلي کي غير آئيني طور تي ٽوڙيو ويو  ۽ ان عمل جو حساب ڏيڻ ضروري آهي. انهن جو موقف آهي ته آئيني بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جو جواب ڏيڻ لازمي آهي. وزيرِ دفاع خواجا آصف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي ترميم ڪنهن به سياسي جماعت خلاف ناهي، پر نظام کي درست رخ ۾ هلائڻ لاءِ ضروري آهي. انهن جو اهو پڻ چوڻ هو ته صوبن کي آئيني اختيار ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، جيڪو وفاقي نظام کي مضبوط ڪندو. علي محمد خان، جنهن قراردادِ مقاصد جي اهميت تي زور ڏنو، چيو ته آئين جي روح مطابق، ڪنهن کي به مذهبي يا نظرياتي بنيادن تي انحراف جي اجازت نٿي ڏني وڃي. انھن جو چوڻ آهي ته آئين جو تقدس جو تحفظ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.