پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي\عبدالغفور حيدري

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي اڳواڻ مولانا غفور حيدري جو چوڻ آهي ته پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا غفور حيدري چيو ته جمعيت علماءِ اسلام 27 هين ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان جي خيال ۾، آئين ۾ ترميم قومي مفاد ۾ آهي. ياد رهي ته تجويز ڪيل 27 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري لاءِ سينيٽ جي اجلاس ۾، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سينيٽر احمد خان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو. اپوزيشن ميمبرن سينيٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ واڪ آئوٽ ڪيو، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ احمد خان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.