اسلام آباد (بيورو) حڪومت 27هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ اعليٰ عدليه جي نئين جوڙجڪ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي آئيني عدالت لاءِ7 ججن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب اها عدالت آئيني تشريح ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جي نبيرن لاءِ قائم ڪئي پئي وڃي، سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت نئين عدالت جي قيام بابت صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان کي وفاقي آئيني عدالت جو پهريون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ جا جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي جا نالا پڻ لسٽ ۾ شامل آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس روزي خان بريچ به نئين عدالت لاءِ غور هيٺ آهن، ذريعن موجب عدالت جي شروعاتي ميمبرن جو انگ صدارتي حڪمسان طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته مستقبل ۾ نوان جج شامل ڪرڻ لاءِ پارلياماني قانونسازي جي ضرورت پوندي.