اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ پنھيار ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، جوابدار گهرو اڻبڻت تان پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوئي کي قتل ڪري ڇڏيو،ٻڌايو ويو ته جوابدار عبدالستار پنھيار مبينا گهريلو اڻبڻت تان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڀيڻ مسمات آمنه پنھيار ۽ ڀيڻيووي الله داد عرف دادن پنھيار تي پسٽل سان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي زال ۽ مڙس گوليون لڳڻ سببب موقعي فوت ٿي ويا، جوابدار عبدالستار پنھيار فائرنگ ڪندو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايا جتي مقتولن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ھڪ ئي گھر ۾ ٻه لاش پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، پوليس موجب واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.