ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ رستن جي بندش جو نئون سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو، مسلسل دير سان پيش ايندڙ ريڊ لائن بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبي پهريان ئي شهر جي اهم شاهراهه کي تعميراتي زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سسٽم امپروومينٽ پروجيڪٽ جو نئون منصوبو يونيورسٽي روڊ تي نئين کڏ، رڪاوٽون ۽ ٽريفڪ ڄام پيدا ڪندو، عملدارن موجب نيپا چورنگي کان فيڊرل اردو يونيورسٽي تائين يونيورسٽي روڊ جو هڪ حصو 10 نومبر کان 30 ڊسمبر تائين بند رهندو، هڪ سينيئر اهلڪار ٻڌايو ته هي بندش 96 انچ ۽ 72 انچ قطر جون نيون پائيپ لائنون وڇائڻ لاءِ ضروري آهي، جيڪي K-4 منصوبي جي اضافي حصي ۾ شامل آهن، تقريبن 2.7 ڪلوميٽر ڊگهو حصو شهر جي پاڻي جي فراهمي جي نظام ۾ بهتري لاءِ نئين لائنن جي نيٽورڪ جو حصو بڻجي ويندو، روزانو ان شاهراهه مان گذرندڙ ۽ گلشنِ اقبال، گلستانِ جوهر ۽ لاڳاپيل علائقن جي لکين رهواسين کي اڳ ۾ ئي ريڊ لائين منصوبي سبب ٽريفڪ جام هجڻ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو، پروجيڪٽ جي دستاويزن موجب پاڻي جون لائنون وڇائڻپهريون مرحلو نيپا چورنگي کان فيڊرل اردو يونيورسٽي تائين ٿيندو، جڏهن ته ٻيو مرحلو حسن اسڪوائر کان نيپا چورنگي تائين ڪيو ويندو.