پاڪ-افغان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ ترڪ صدر جو خاص وفد پاڪستان موڪلڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ ترڪي هڪ ٻي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان پنهنجي پرڏيهي وزير، بچاءَ واري وزير ۽ انٽيليجنس چيف کي پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سفارتي ذريعن موجب، پاڪستاني ۽ ترڪ عملدار دورو طئي ڪرڻ بابت رابطي ۾ آهن، ترڪ وفد جي دوري جي تاريخ هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ڪئي ويندي.
ترڪ خابرو اداري موجب، وفد هلندڙ هفتي پاڪستان پهچندو ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.
ترڪ صدر موجب، دوري جو مقصد ٻنهي ڌرين وچ ۾ پاڪ-افغان فائربندي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب، صدر طيب اردگان اهو اعلان باڪو مان واپسيءَ بعد وزيراعظم شهباز شريف سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جي حل لاءِ پهرين قطر ۽ پوءِ ترڪيه ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن، پر افغان طالبان طرفان لکت ۾ ضمانت نه ڏيڻ سبب ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.