حيدرآباد/باڊھ(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ کي فاشزم جي حوالي ڪيو پيو وڃي. هن ملڪ مٿان فاشزم مڙهجڻ سان محڪوم قومون وڌيڪ جبر، ظلم، ڦرلٽ ۽ استحصال جو شڪار ٿي وينديون. ڪنهن به ماڻهو کي انصاف ميسر نه ٿيندو. جيڪو به آواز بلند ڪندو، اھو ڏاڍ ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو. هن چيو ته قومي پارٽي 27هين آئيني ترميم کي سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن قدم سمجهي ٿي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سڀاڻي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف احتجاج ڪيا ويندا. هوڏانهن 27هين آئيني ترميم ۽ سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ اصغر نوناري، عبدالستار منگي، محڪم الدين جوڻيجو، علي دوست سيال، مولا بخش ڦلپوٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد علي خشڪ ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته وفاق هميشه سنڌ دشمن منصوبا پيش ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌ جي وسيلن کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته ايوب ڪانڌڙو، پٺاڻ خان زهراڻي، غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي ۽ علي گل سيال سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ دشمن 27هين آئيني ترميم منصوبي کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج هوندي