سکر (رپورٽر) ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ 25 ورهين جي نوجوان نذير احمد ٻرڙو جوگوليون لڳل لاش ھٿ، وارثن جو احتجاج، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،ڏوهه جو اعتراف، ڪنڌرا ڀرسانپنجويهن ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو جنهن بعد علائقي واسين ڪنڌرا پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس ئي علائقي واسين لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي لاش جي سڃاڻپ نذير احمد ٻرڙو نالي سان ٿي، ڪنڌرا پوليس رورل ھيلٿ سينٽر ڪنڌرا آندو ويو ان کان بعد جلدئي نوجوان جي سڃاڻپ سندس وارثن محمد رفيق اسپتال پھچي سڃاڻپ ڪئي ته ھي منھنجو پٽ نذيراحمد ٻرڙو آهي، رفيق احمد ٻرڙو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌرا پوليس جون رات جي وقت گشت ڪرڻ واريون داوائون ڪوڙيون آهن جيڪڏهن پوليس رات جو روڊن سان گشت ڪري ھا ته منھنجو پٽ قتل ٿيڻ کان بچي وڃي ھا ۽ ڪنڌرا جي روڊن ۽ رستن ڦريون به نه ٿين پر اسان جي علائقي کي ھٿ وٺي ڏوھارين حوالي ڪيو ويو آهي، شعيب ٻرڙو جيڪو به ڳوٺ واھ ٻرڙا جو رهواسي آهي جيڪو منهنجي پٽ سان گڏ گھمندو ھو، شعيب ۽ ٻين پٽ کي قتل ڪيو آهي، اسين وزير اعليٰ سنڌ ، قانون واري وزير، آءِ جي سنڌ ـ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪنڌرا ٿاڻي مقرر پوليس وارن کي سختي سان ھدايت ڪن ته ھو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪرن ۽ منهنجي پٽ جي اصل قاتل شعيب ٻرڙي کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان جي معرفت ذريعي سڀن ڏوھارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف ڪنڌرا پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار ڪري وٽس پسٽل به هٿ ڪيو آهي ۽ جوابدار ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.