اسلام آباد (بيورو)هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان 27هين آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي طريقيڪار جي مذمت ڪري ڇڏي آهي، انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان آئيني 27هين ترميم کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي طريقيڪار جي مذمت ڪئي آهي، انساني حقن جي ڪميشن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته حڪومت جي جلد بازِيءَ سبب ترميمي بل کي پيش ڪرڻ جي پويان نيت تي سوال اڀري ٿو، جنهن ۾ مخالف ڌر، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽي سان بامعنيٰ مشاورت جي کوٽ هئي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رپورٽ ڪيل ترميم جي متن موجب عدالتي نظام ۾ ڪيتريون تبديليون شامل آهن، جن ۾ خاص عهدن جي اختيارن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سول ادارن جي محدود اختيارن ۾ اضافو ۽ ڪجهه رياستي عهدن کي تاحيات ڇوٽ ڏيڻ جهڙا نڪتا پڻ شامل آهن، انساني حقن جي ڪميشن موجب اهي ترميمون آئيني ۽ قانوني ماهرن، انساني حقن جي حمايت ڪندڙن ۽ انهن سڀني لاءِ فڪر جو سبب بڻجي ويون آهن، جيڪي عدليده جي آزادي ۽ جمهوريت ۾ سول بالادستي تي يقين رکن ٿا، انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان پنهنجي فڪر جي بنياد تي هڪ هنگامي مشاورتي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڌرين کي دعوت ڏني ويندي ته جيئن ترميم جي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي تي اثرات جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي.