انصاف جو دروازو هميشه لاءِ بند ٿي ويو، ايماندار قيادت احتساب کان ناهي ڊڄندي:سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي زاهد گشڪوري لکيو آهي ته موجوده دور ۾ عدالتِ عظميٰ  انصاف جي بالادستي کي برقرار رکڻ لاءِ آرٽيڪل 184 جو آئين ۾ مڪمل طاقت سان شامل رهڻ انتهائي ضروري آهي۔پر هاڻي 52 ورهين کان پوءِ هن آرٽيڪل کي ختم ڪيو پيو وڃي، جيڪو هڪ تمام وڏو آئيني قدم آهي۔آرٽيڪل 184 کي آئين مان خارج ڪرڻ اهڙو ماحول پيدا ڪندو، ڄڻ ڪو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار کي 1973ع جي آئين مان ڪڍي ڇڏي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته شايد سپريم ڪورٽ وري ڪڏهن به "سپريم” نه رهي، ۽ لاوارثن يا محرومن لاءِ انصاف جو دروازو هميشه لاءِ بند ٿي ويو،صحافي ثمر عباس لکيو ته وزيراعظم کي استثنا ڏيڻ واري ترميم فوري طور واپس وٺي شهبازشريف سٺو قدم کنيو،هاڻي پيپلز پارٽي به سياسي بالغ نظرِي جو مظاهرو ڪندي، صدرِ مملڪت کي تاحيات استثنا ڏيڻ واري ترميم واپس وٺي، جيئن ملڪ ۾ برابري، احتساب ۽ آئيني شفافيت جو تصور عملي طور تي مضبوط ٿي سگهي۔صحافي عامر الياس راڻا لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف هڪ سٺو ۽ اصولي قدم کنيو آهي هن فيصلي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حڪمرانن کي احتساب کان استثنيٰ ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿي ڪري سگهجي۔جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله لکيو ته 27هين ترميم ۾ جيڪڏهن حڪمران، ججن ۽ جرنيلن کي دنياوي احتساب کان استثنا ڏنو پيو وڃي، ته پوءِ ڇا ايندڙ قدم آخرت جي پڇاڻي کان به ڇوٽ ڏيڻ لاءِ کڻندا؟صحافي عمر چيما لکيو ته ڪنهن به چونڊيل هجي يا اڻ چونڊيل  شخصيت کي سڄي عمر لاءِ استثنا ڏيڻ قانون جي بالادستي جو مذاق اڏائڻ برابر آهي،صحافي انصار عباسي لکيو ته سڄي عمر لاءِ استثنا ڏيڻ ڪنهن به حالت ۾ همٿائڻ جهڙو عمل ناهي،صحافي اطهر ڪاظمي لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو استثنا نه وٺڻ وارو اصولي فيصلو يقيناً هڪ سٺو ۽ مثبت قدم آهي، پر هاڻي اصل ۽ وڏو سوال اهو اڀري رهيو آهي ته ڇا صدر آصف علي زرداري به اهڙو ئي جمھوري ۽ اخلاقي فيصلو ڪندا؟ ڇا هو پنهنجي جماعت، پيپلز پارٽي، کي اهو چوندا ته صدرِ کي استثنا ڏيڻ واري ترميم واپس ورتي وڃي؟ ،پ پ اڳواڻ قاسم گيلاني چيو ته جيڪڏهن فيلڊ مارشل کي سڄي عمر لاءِ استثنا ڏنو وڃي، ۽ ان سان گڏ هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر کي اهو حق نه ڏيڻ آئيني عهدي جي توهين جي برابر آهي،آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو ته جيئن وزيراعظم وانگر ٻيا به استثنا وٺڻ کان انڪار ڪن ته  ڪيترو سٺو ٿئي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته روس کانسواءِ دنيا جي ڪنهن به جمهوري ملڪ جي آئين ۾ صدر يا ڪنهن ٻئي کي تاحيات استثنا حاصل ناهي،تاحيات استثنيٰ رڳو بادشاهتن ۾ هوندي آهي،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته وزيراعظم جوسٺو قدم، اميد آهي ته زرداري به شهباز شريف جي پيروي ڪندو ۽ پيپلز پارٽي کي چوندو ته صدر کي استثنيٰ ڏيڻ واري ترميم واپس ڪئي وڃي.صحافي عامر ضيا تبصرو ڪيو آهي ته صدر پاڪستان يا ڪنهن به سرڪاري اهلڪار لاءِ سڄي عمر استثنا ڏيڻ پاڪستان جي نظام تي وڏو سواليه نشان آهي. ايماندار ۽ آئين و قانون تي عمل ڪندڙ قيادت ڪڏهن به احتساب کان نه ڊڄندي. جمہوريت ۽ احتساب لازمي ۽ هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.