سنڌ شاگرد مارچ تي پوليس جي هلان، لٺبازي، اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) مٽياري ڀرسان جسقم جساف آريسر طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي قبضن ۽ ٻين اهم مسئلن تي نڪتل سنڌ شاگرد مارچ تي حيدرآباد ۽ مٽياري پوليس  لٺبازي ڪري سموري مرڪزي قيادت، ڪارڪنن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل  ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) چيئرمين اسلم خيرپوري پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسقم جساف ورڪرن سميت ٻين سمورن قومي ڪارڪنن کي اپيل ڪجي ٿي ته ڀٽ شاھ کان نڪرندڙ سنڌ شاگرد مارچ کي مٽياري جي ويجهو ڇنڊڻ موريءَ تي قافلي کي روڪي مارچ جي سمورن پانڌيئڙن کي جساف جي مرڪزي عهديدارن سميت پوليس کنڀي کڻي وئي، ان ڪري پوليس جي ان وحشي ڪاروائيءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ اڻ کٽ احتجاجن جو سلسلو هن وقت کان ئي شروع ڪيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ سمورا قومي ڪارڪن پنهنجي ساٿين جي احتجاج جو حصو بڻجي عملي ميدان ۾ اچن، رپورٽ موجب جسقم آريسر جي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران جساف جي مرڪزي صدر اسد سنڌيار، ڪرن نظاماڻي، ناديا جويو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي عمراڻي، سرائي ڪميل ، فرحان پھنور ، صالح جمالي ۽ سعيد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگرد مارچ مٽياري پھتو مارچ ۾ وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙا نياڻيون ۽ نوجوان شاگرد شريڪ ھئا مٽياري پھچڻ تي مارچ جو شاگرد تنظيم جي اڳواڻن جو استقبال ڪيو ويو، مٽياري پوليس مارچ تي هلان ڪري سموري قيادت، ڪارڪنن ۽ شاگردياڻين کي کنڀي کڻي وئي، صورتحال خراب ٿي وئي، جسقم جساف آريسر جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڄامشوري ۽ ٻين هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڀٽ شاھ کان سنڌيونيورسٽي تائين جساف آريسر پاران شروع ڪيل سنڌ شاگرد مارچ تي پوليس اٽالن پاران چڙهائي ڪري شاگردن ڪارڪنن ۽ شاگردياڻين جي گرفتاري خلاف سنڌيونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٻن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهين پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو پاران ڌرڻو هڻي ويٺل شاگرد اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو، جڏھن ته شاگردن پاران شاگرد مارچ تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نصيرآباد، نوابشاهه، دادو، ڦلجي اسٽيشن، گولاڙچي  ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ جسقم آريسر، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران گرفتارين ۽ پوليس جي ظلم خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جڏهن ته گولاڙچي ۾ جسقم آريسر جي قيادت جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڪارڪنن مٿان پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو،  اڳواڻن جو چوڻ هو ته جسقم جساف آريسر جي مرڪزي قيادت، ڪارڪنن ۽ شاگردياڻين جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا، جيڪڏهن جلد سمورن ساٿين کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.