جماعت اسلامي جي بجلي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ امير جماعت اسلامي  منعم ظفر جي شهر ۾ لائين لاسز جي بنياد تي ٿيندڙ لوڊشيڊنگ  خلاف درخواست عدالت ٻڌڻي جي قابل نه هجڻ  قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته لوڊشيڊنگ بابت معاملو نيپرا جي اختيار ۾ اچي ٿو، تنهنڪري درخواست نيپرا ڏانهن موڪلي وڃي، عدالت هدايت ڪئي ته نيپرا شڪايت تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪري ۽ رپورٽ ايم آءِ ٽي ٽو  ۾ جمع ڪرائي وڃي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب لوڊشيڊنگ بابت درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي قابل  نه آهي.عدالت وڌيڪ چيو ته نيپرا ايڪٽ جي سيڪشن 39 تحت درخواستگذار کي نيپرا سان رجوع ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.