شرجيل ميمڻ پاران پ پ جي سي اي سي ميمبرن جي مان ۾ مانجهاندو

ڪراچي(پ ر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي اعزاز ۾ مانجھاندو ڏنو ويو.مانجھاندي جي تقريب ۾ پنجاب جي گورنر سردار  سليم حيدر خان، خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن نير حسين بخاري، نديم افضل چن، قمر الزمان ڪائره، چوڌري منظور، همايون خان، قومي اسيمبلي جو ميمبر اعجاز جکراڻي، سيد ناصر حسين شاهه،  سعيد غني، سهيل انور سيال ساجد اسحاق دشتي،آغا شڪيل دراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مانجھاندي جي موقعي تي پارٽي جي تنظيمي معاملن، ملڪ جي سياسي صورتحال، ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولھ ٿي. اڳواڻن سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسين ۽ ترقياتي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي ۽ اها ئي ان جي سياسي طاقت جو بنياد آهي.شرجيل انعام ميمڻ مرڪزي اڳواڻن کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ پيپلز بس سروس، اي وي بس سروس، سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن ترقياتي منصوبا شامل آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجوده سياسي چئلينجز جي باوجود پيپلز پارٽي وفاق جي علامت طور پنهنجو فعال ۽ تعميري ڪردار جاري رکندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.