ڪراچي ۾ اي چالان خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس فيض شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ امير جماعت  اسلامي ڪراچي منعم ظفر ۽ ٻين جي اي چالان خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 24 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذارن جي وڪيلن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ مصنوعي ذهانت استعمال ڪندي خودڪار نظام تحت خلاف ورزين لاءِ اي-چالان موڪليا پيا وڃن، شهر جي روڊن تي زيبرا ڪراسنگ يا رفتار جي حد جا سائن بورڊ نه آهن، شهر جون خراب روڊون شهري کي متبادل يا غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون، ڪريم آباد انڊر پاس ڪيترن ئي سالن کان اهڙي طرح پيل آهي، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال ، صفورا ، جهانگير روڊ، نيو ڪراچي روڊ ۽ ٻيا تمام خراب حالت ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.