ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي پيءُ پنھنجي نوجوان پٽ کي ملڪيت تان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڪنڊي ۾ پي ملڪيت تان نوجوان پُٽ کي قتل ڪري ڇڏيو ان دوران پيارل چنو اعتراف ڪندي چيو آھي ته مان پنهنجي 24 سالن جي نوجوان پُٽ ضمير علي چنو کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو، ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي قتل ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پھچي نوجوان جي لاش کي ڪي اين شاھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول نوجوان شادي شده هو ۽ سندس ٻن ٻارڙن جو اولاد پڻ هو، ذريعن موجب نوجوان بيروزگار ۽ شادي شده ھو روزگار لاءِ والد کان زمين جو ڪجھه حصو گھريو جنھن تان ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.