ڪافي عرصي کان 73ع جي آئين ۾ 27 ھين ترميم آڻي صوبن جا اختيار گهٽائڻ ۽ 18 ھين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي حوالي سان بحث ھلي رھيو ھو، پر پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ان ٽوئٽ کان پوءِ، ته وزيراعظم شھباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي وفد صدر آصف علي زرداري ۽ ساڻس ملاقات ڪري 27 ھين آئيني ترميم آڻڻ جي حمايت لاءِ درخواست ڪئي آھي، سندس مطابق ترميم ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ، ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽس مقرر ڪرڻ، ججن جي بدلين، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبائي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ، آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي، تعليم ۽ آباديءَ جي رٿابنديءَ کي وفاق کي واپس ڏيڻ سميت اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ شامل آھي. ھن چيو ته ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ پارٽي پاليسي طئي ڪرڻ لاءِ 6 نومبر تي پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي بلاول ھائوس ڪراچيءَ ۾ گهرائي ويئي آھي. بلاول ڀٽي زرداريءَ پاران امڪاني طور تي پارليامينٽ ۾ ايندڙ 27 ھين آئيني ترميم جي حوالي سان جن نقطن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، ان کان پوءِ ھن بحث ۾ وڌيڪ شدت ۽ سرگرمي پيدا ٿي ويئي آھي ۽ ھر پاسي کان مختلف سياسي سوچ رکندڙن جا تبصرا اچڻ شروع ٿي ويا آھن.
ھڪ تجزئي نگار جو چوڻ آھي ته ” 72ع کان اڳ آرمي چيف، نيول چيف ۽ جوائنٽ چيفس بابت سي ايم سي (چيف مارشل لاءَ ايڊمنسٽريٽر) جو عھدو به ھوندو ھو، آرٽيڪل 243 تحت ٿي سگهي ٿو ته اھو عھدو ٻيھر بحال ڪيو وڃي. ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري حڪمران اتحاد جو حصو آھي، کيس ڪو نُڪتو قبول نه ھجي ھا ته ھو اھڙو بحث اٿاري اعتراض ڪري ھا پر ھن مخالفت بدران رڳو نڪتن جي ڳالهه ڪئي آھي ڇو ته کيس به مستقبل ۾ اقتدار ۾ اچڻو آھي. اھا ڳالهه پڻ ھلي رھي آھي ته آئين ۾ آرمي چيف، نيول چيف ۽ ايئر چيف جو ته ذڪر آھي پر فيلڊ مارشل جو ذڪر نه آھي 27ھين آئيني ترميم ذريعي آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل جي عھدي کي آئيني تحفظ ڏنو ويندو، جنھن جو اعتراف قانون وارو وفاقي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ به ڪري چڪو آھي.
27 آئيني ترميم جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري جن نڪتن جي نشاندھي ڪئي آھي، انھن مان لڳي ٿو ته عوام جي بنيادي حقن ۽ انساني حقن کي تحفظ ڏيڻ بدران ختم ڪيو ويندو ۽ عام ماڻھن توڙي سياسي ڪارڪنن جا ھر ھنڌ ٽرائل ڪري کين سخت ترين سزائون ڏنيون وينديون. ان مقصد لاءِ ”ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽ“ بحال ڪيا ويندا، جيڪي برطانوي غلاميءَ واري دور ۾ ھوندا ھئا، اھي عدليا جي ماتحت نه پر حڪومت جي ماتحت ھوندا ھئا ۽ ڊي سي کي رپورٽ ڪندا ھئا. 2001ع ۾ ھڪ ترميم ذريعي انھن کي ختم ڪيو ويو ھو. اھي مئجسٽريٽ پاڻ مرادو ٽرائل ڪري ٻن سالن تائين سزائون ڏيئي سگهندا، جيڪو ڪيس ڪنھن به عدالت ۾ نه ويندو. اھو پڻ خدشو آھي ته ڪنھن به احتجاج دوران شڪايتن تي اھي مئجسٽريٽ سزائون ڏيندا ۽ ڪنھن کي به ڪو به بھانو بڻائي کنڀي انھن مئجسٽريٽس جي سامھون پيش ڪري سگهبو، جنھن سان خوف جو ماحول پيدا ٿي ويندو ۽ ضياءَ واري مارشل لاءَ ۾ جوڙيل فوجي عدالتن مان ملندڙ سزائن جون يادون تازيون ٿي وينديون. 27ھين آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت يا سپريم آئيني عدالت قائم ڪري سپريم ڪورٽ مان آئيني بئنچ ختم ڪئي ويندي جنھن ڪري 26 ھين آئيني ترميم واريون درخواستون بي اثر ٿي وينديون. اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين کي مقرر ڪرڻ لاءِ به آئين ۾ ترميم آڻي ان مان اپوزيشن جو ڪردار ختم ڪيو ويندو ۽ اھڙيءَ طرح ”ڊيڊلاڪ“ ختم ڪيو ويندو. تعليم ۽ آباديءَ تي ڪنٽرول واري وزارت به ٻيھر وفاق جي حوالي ڪئي ويندي ۽ صوبن ۾ موجود معدنيات جي وزارت پڻ وفاق حوالي ڪئي ويندي. ھن ترميم ۾ اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ به شامل آھي، ان حوالي سان صوبن کي مليل آئيني تحفظ ختم ڪيو ويندو ۽ وفاق ڪنھن به صوبي جي حصي مان جڏھن چاھي پئسا ڪاٽي سگهندو ۽ اھو چيو ويندو ته ” وفاق وٽ خرچ ھلائڻ لاءِ پئسا ڪونھن“ اھڙي طرح نيشنل فائنانس ڪميشن ، اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو 57 سيڪڙي مان گهٽجي 42 سيڪڙي تائين اچي سگهي ٿو.
ھيءَ ترميم طاقت جي توازن، مالي نظام ۽ عدليا جي جوڙجڪ ۾ وڏي پئماني تي تبديليون آڻي سگهي ٿي ۽ انتظاميا جو عدليا تي ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ نئين ” سول ملٽري ھائبرڊ ڍانچي“ کي آئيني تحفظ فراھم ڪندي. اھي به ڳالھيون گردش ڪري رھيون آھن ته 27 ھين آئيني ترميم آڻڻ جي حوالي سان پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تڪرار شروع ٿي سگهي ٿو . ڇو ته پيپلزپارٽيءَ جي ھڪ اھم شخصيت جي حوالي سان اھا ڳالهه چئي پئي وڃي ته اسان کي پنھنجي سياست ۽ پارٽي بچائڻي آھي، حڪومت ناھي بچائڻي. سندس موجب 18 ھين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڳالهه آئي ته حڪومت ڇڏي ڏينداسين پر سياست تي سوديبازي نه ڪندا سين. اھو پڻ چيو وڃي پيو ته ايندڙ ڏينھن ۾ ن ليگ کي پيپلزپارٽيءَ جي حمايت جي ضرورت نه پوندي، ان صورت ۾ به اختلاف وڌڻ جا امڪان آھن.
جڏھن ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر تبصرو ڪندي چيو آھي ته بلاول خبر ليڪ ڪري عوامي رد عمل ڏسڻ چاھي ٿو، جيڪو به ردعمل سامھون ايندو، پ پ اھو ئي ڪندي ۽ ڪٿان ملندڙ اشاري جو پڻ انتظار ڪندي. پيپلزپارٽيءَ آئين مان آمريتي شقون ختم ڪيون ھيون ۽ 18 ھين ترميم کي پنھنجي لاءِ ”ٽرافي“ قرار ڏيندي رھي آھي، پر ھاڻي 18 ھين ترميم مان اين ايف سي ايوارڊ ۽ ٻيون شقون ختم ڪيون پيون وڃن ڏسڻو اھو آھي ته پيپلزپارٽي ڪھڙو ٿي ردعمل ڏي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته 26 ھين آئيني ترميم جا زخم اڃا تازا آھن ته وري 27 ھين آئيني ترميم جي ڳالهه ھلي رھي آھي. ھن چيو ته 73ع وارو آئين ملڪ جو متفقه آئين آھي جنھن تي ذوالفقار علي ڀٽي سميت سمورين سياسي پارٽين اتفاق ڪيو ھو تنھن ڪري ڪنھن کي به ھن سان ھٿ چراند نه ڪرڻ گهرجي. ڏسڻو اھو آھي ته ڀٽي جو سياسي جانشين ۽ سندس پارٽي انھيءَ آئين جي حفاظت ڪري ٿي يا ان جي روح ۽ شڪل کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. سمورين جمھوريت پسند قوتن کي غير آئيني قدمن خلاف گڏ ٿي بيھڻ گهرجي ٻي صورت ۾ نظام پنھنجن بنيادن سميت تباهه ٿي سگهي ٿو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقانيءَ چيو آھي ته جيڪڏھن اڃا تائين به ڪنھن کي به اھا خوش فھمي آھي ته ”پاڪستان ۾ جمھوريت آھي“ ته ھاڻي اھا غلط فھمي ڏور ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جمھوري ملڪن ۾ ٻاھرين رياستن سان ٿيندڙ معاھدن جا تفصيل عوام ۽ پارليامينٽ آڏو رکيا ويندا آھن ۽ آئيني ترميمن جا مسودا به ماھرن ۽ عوامي راءِ لاءِ فيصلي کان اڳ پيش ڪيا ويندا آھن.
سنڌ جي قومپرستن، سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو اتحاد جي ڪنوينئر سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ وسند ٿري، ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئيءَ پنھنجن الڳ الڳ بيانن ۾ 27 ھين آئيني ترميم جي حوالي سان شديد ردعمل ڏيندي چيو آھي ته 27 آئيني ترميم آڻي صوبن جي خودمختاريءَ تي راتاھو ھنيو پيو وڃي ۽ ملڪ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ون يونٽ ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي ۽ وفاق پاران صوبن جي ماليات، تعليم، صحت ۽ عدليا تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي، ھن ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ خودمختاريءَ تي وار ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا. ھيءَ ترميم 18 ھين آئيني ترميم کي غيراثرائتو بنائڻ ۽ صوبائي خودمختاري کسڻ جي چال آھي، جنھن خلاف ھر سياسي، قانوني ۽ عوامي محاذ تي جدوجهد ھلائي ويندي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کي برداشت نه ڪيو ويندو. ڪھڙي به مقصد ۽ ايجنڊا تحت سنڌ تي وار ٿيو ته سنڌ ۾ ذاتين، شھرن، جهنڊن ۽ پارٽين جو ڪو به فرق نه رھندو، سنڌ ھڪڙي مُٺ، ھڪڙي تسبيح، ھڪڙي للڪار، مضبوط حوصلو ۽ عزم بڻجي ويندي. ھيءَ ترميم مارشل لاءِ کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي ۽ ھن ترميم وسيلي سموري ملڪي نظام کي غير جمھوري قوتن حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي ۽ غير جمھوري قوتون ذاتي ۽ گروھي مفادن خاطر ملڪ ۾ 71 ع جهڙي صورتحال پيدا ڪري رھيون آھن. تنھن ڪري ملڪ ۾ نوان تڪرار پيدا ڪرڻ بدران موجودهه آئيني ڍانچي ۽ وفاقي توازن کي برقرار رکيو وڃي. جڏھن ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز (ISPR) ليفٽنٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي ته ” فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي ۽ سياست ۾ نه ڦاسايو وڃي. 27 ھين آئيني ترميم پارليامينٽ جو مسئلو آھي ۽ اھائي حل ڪندي.“
جيڪڏھن پيپلز پارٽي 27 ھين آئيني ترميم جي حمايت ڪري ٿي ته 18 ھين ترميم رول بيڪ ٿي ويندي ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جو مالي حصو گهٽجي ويندو، گئس ۽ معدني وسيلن تي صوبائي حق ختم ٿي وفاق ڏانھن ھليا ويندا، اھڙيءَ صورت ۾ پيپلز پارٽي پنھنجو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو پنھنجن ھٿن سان پاڻ دفن ڪري ڇڏيندي ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن مان سخت ردعمل ايندو، پ پ جو سياسي ڪردار ختم ٿي ويندو ۽ مٿس ”وفاق پرستيءَ“ ۽ ”اينٽي صوبن“ جو ليبل لڳي ويندو ۽ جيڪڏھن مخالفت ڪري ٿي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پوندس. پيپلز پارٽيءَ کي ان لاءِ به تيار رھڻو پوندو ڇو ته مستقبل جي سياسي صف بندي بدلجي به سگهي ٿي. ھتي سوال اھو آھي ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري قومپرستن جي پاسي ٿي بيھندو؟ يا اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي 18 ھين آئيني ترميم قربان ڪندو؟ ان لاءِ 6 نومبر تائين انتظار ڪرڻو پوندو جڏھن پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽي پنھنجي ”پارٽي پاليسي“ پڌري ڪندي.