حڪومت ڪمزور معيشت تي ٽئڪسن جو بار وڌائي رهي آهي:گوهر اعجاز

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته حڪومتي دعوائن ۽ حقيقتن ۾ کليل تضاد آهي، حڪومت معيشت  سان غير حقيقي اميدون وابسطه ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ گوهر اعجاز چيو ته ٽيڪسن جو وڏو بار معاشي تباهي جو رستو آهي، حڪومت 2028ع ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 18 سيڪڙو ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ چاهي ٿي، ڪمزور معيشت تي وڌيڪ ٽيڪسن جو باروڌايو پيو وڃي. اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته ڪاروبار کان ٽيڪس اوڳاڙيون 2.2 ٽريلين رپين کان وڌي 5.3 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪيون آهن، جڏهن ته پگهار دارن کان ٽيڪس وصوليون 206 سيڪڙو وڌي چڪيون آهن. هن جو چوڻ هو ته پگهار دارن کان ٽيڪس وصوليون 188 ارب کان وڌي 580 ارب تائين پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته ايف بي آر ڄاڻي واڻي ڪري ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 10 سيڪڙو ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 12 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. ٽيڪسن جو بوجھ 10 سيڪڙو کان وڌي 12.2 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ۽ 3 سالن ۾ پيٽروليم ليوي وصولين ۾ 760 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.