ڪراچي (رپورٽر) گارڊن مان اغوا ڪيل 2 نوجوانن کي بلوچستان مان آزاد ڪرايو ويو، اي وي سي سي پوليس ۽ سي پي ايل سي جي گڏيل ڪارروائي دوران بلوچستان ۾ گارڊن کان اغوا ٿيل نوجوان عامر ولد حاجي اورنگزيب ۽ شاهزيب ولد عنايت الله کي آزاد ڪرايو ويو، پوليس موجب مغوي نوجوان ٽرانسپورٽرز آهن ۽ انهن کي 23 سيپٽمبر تي گارڊن چڙيا گهر جي ويجهو اغوا ڪيو ويو، اغوا ڪندڙن مغوي نوجوانن جي آزاد لاءِ 3 ارب رپيا ڀنگ گهريو هو.
3 سينيٽري ورڪرن جي فوت ٿيڻ وارو مامرو:صوبائي محتسب پاران جاچ رپورٽ طلب
ڪراچي(رپورٽر)صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ عثمان آباد، ڪراچي ۾ گٽر صاف ڪرڻ دوران سينيٽري ورڪرن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت داخل شڪايت تي صوبائي محتسب سنڌ جي صدر آفيس ۾ ٻڌڻي ٿي۔ ٻڌڻي ۾ ايم ڊي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن احمد علي صديقي، چيف انجنيئر آفتاب، لاڳاپيل ايڪسين، رجسٽرار مسعود عشرت، لواحقين، وڪيل ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا۔ سماعت دوران صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت سينيٽري ورڪرن کي گٽرن جي صفائي وقت ڏنل سهولتن، سيفٽي ڪِٽس ۽ انهن جي معيار بابت تفصيلي سوال جواب ڪيا ۽ سينيٽري ورڪرن جي موجوده حفاظتي سامان جو سڌو معائنو به ڪيو۔ هن آخري ڀيري خريد ڪيل حفاظتي ڪِٽس ۽ افسوسناڪ واقعي جي انڪوائري رپورٽ فوري طور تي فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي۔ ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي عثمان آباد ۾ 21 سيپٽمبر تي گٽر صاف ڪرڻ دوران ٽي سينيٽري ورڪر فوت ٿي ويا هئا