ڊمپر حادثي کان پوءِ مظاهرين تي فائرنگ ڪندڙ گارڊ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي رام سوامي ۾ ڊمپر حادثي بعد احتجاج ڪندڙ شهرين تي فائرنگ ڪندڙ گارڊ کي گرفتار ڪيو ويو،  ٻه ڏينهن اڳ رام سوامي ۾ ڊمپر سان ٿيل حادثي تي شهري احتجاج لاءِ نڪتا هئا، جنهن دوران ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود جي گارڊ فائرنگ ڪئي هئي، پوليس گارڊ کي سهراب گوٺ مان گرفتار ڪري ورتو، ان کان سواءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪامران فاروقي تي به پيڪا ايڪٽ تحت گارڊن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڪامران فاروقي پوليس اهلڪار کي زندهه ساڙڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، ياد رهي ته رام سوامي واري علائقي ۾ تيز رفتار ڊمپر ٽڪر هڻي نوجوان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو، ٻئي پاسي گارڊن جي علائقي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار شاهزيب جي موت واري ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ  جي عدالت ڊمپر ڊرائيور جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان شهرِي جي موت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس ڊمپر ڊرائيور جوابدار نياز الله کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڊمپر ڊرائيور جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.