ڪراچي (رپورٽر ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نمبر نو ڏکڻ ڪراچي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي حڪم جاري ڪيو آھي تھ نوابشاھ واسي ڊاڪٽر نعيم ڪريم ڀٽي ۽ حليما ميڊيڪل سينٽر نوابشاهه خلاف سنگين طبي غفلت جو ڪيس لاڳاپيل قانونن تحت مناسب ڪارروائي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن موڪليو وڃي. عدالت اھڙو فيصلو طبي غفلت جي ڪيس ۾ ڏنو، جتي هڪ ست سالن جي ٻار کي هرنيا آپريشن لاءِ ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو پر والدين جي رضامندي کان سواءِ ڊاڪٽر ٻار جو طھر ڪري ڇڏيو ۽ مخصوص عضوي جو مٿيون حصو (گلانس) ڪٽي ڇڏيو، جنھن جي ڪري ٻار مستقل طور تي جسماني معذوري ۽ نفسياتي بيماري جو شڪار ٿي ويو، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٻار جي والدين جي شڪايت تي ڊاڪٽر سميت اسپتال انتظاميا ۽ متاثر ٻار جي والدين جا بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ گهرجون پوريون ڪيون، عدالت سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر جو لائسنس منسوخ يا معطل ڪرڻ ۽ قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ھي معاملو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ڏانھن موڪيو وڃي.