ڪراچي(رپورٽر) جماعتِ اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر ۽ ٻين پاران ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اي چالان قانون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست گذارن جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڪئمران ۽ مصنوعي ذهانت پاڻرمادو تحت چالان موڪليا پيا وڃن جيڪي گاڏي جي مالڪ کي غلط طور تي ذميوارقرار ڏين ٿا، خبر به ناهي ته گاڏي ڪير هلائي رهيو آهي يا ڀڃڪڙي ڪنهن ڪئي، درخواست ۾ موقف آهي ته روڊ انفراسٽرڪچر، گاڏين جي مالڪ جي صحيح تصديق ۽ روڊ سائن بورڊ لڳائڻ کان سواءِ اي چالان سسٽم نافذ ڪيو پيو وڃي. ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جي رڪارڊ موجب ڪيتريون ئي گاڏيون پراڻن مالڪن جي نالي تي آهن انهن جي منتقلي وقت تي نه ٿيڻ جو سبب ايڪسائيز ۾ ڪرپشن آهي، شهر جي ڪيترن ئي روڊن تي زيبرا ڪراسنگ، رفتار جي حد جا سائن بورڊ يا مناسب ٽريفڪ قوانين موجود نه آهن، شهر جون خراب روڊون شهرين کي متبادل يا غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون ۽ ڪيترن سائيٽن تي ترقياتي ڪم سبب ٽريفڪ پوليس به غلط رستي تي ٽريفڪ هلائي رهي آهي، درخواستن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اي چالان ۽ ڏنڊ فوري معطل ڪيا وڃن.