سنڌ بار جون چونڊون: ڪي بي لغاري، اطهر عباس، ضيا لنجار ڪامياب

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن جا غيرحتمي نتيجا سامهون آندا ويا آهن، نتيجن موجب نوابشاهه جي سيٽ تي پروگريسو لائيرز پينل جو اميدوار ضياءُ الحسن لنجار  523 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نوابشاهه جي سيٽ تي ضياءُ الحسن لنجار جو مخالف اميدوار ڪي بي رند 126 ووٽ کڻي هارائي ويو ، سانگهڙ مان الطاف جوڻيجو 668 کڻي سوڀارو، مخالف اميدوار نند ڪمار 658 ووٽ کڻي سگھيو، ڪنڌڪوٽ جي سيٽ تي عبدالغني بجاراڻي 818 ووٽ کڻي ڪامياب، احمد رضا 692 ووٽ کنيا، لاڙڪاڻي جي ٻن سيٽن تي اطهر عباس سولنگي 1207 ۽ آصف سومرو 1024 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، گھوٽڪي جي سيٽ تي پروگريسو لائيرز فورم جو عبدالرزاق مهر 393 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، گھوٽڪي جي سيٽ تي سنڌ نيشنل لائرز پينل جو اميدوار چوڌري شاهد 206 ووٽ کڻي سگهيو، ميرپورخاص جي سيٽ تي يونائيٽيڊ انڊپينڊنٽ پينل جو ھاشم لغاري ڪامياب، سانگھڙ جي سيٽ تي فرينڊس پينل جو الطاف جوڻيجو ڪامياب ٿي ويو، عمرڪوٽ جي پولنگ تان نند ڪمار گوڪلاڻي 63ووٽ کڻي ڪامياب، الطاف حسين جوڻيجو 33ووٽ کڻي سگهيو، سنڌ بار ڪائونسل چونڊ لاڙڪاڻو ڊويزن مان اطھر عباس سولنگي پھرئين نمر تي ووٽ کڻي ڪامياب ٻئين تي آصف عبدالرزاق سومرو ڪاميابي ماڻي ورتي، نتيجن موجب  سنڌ دوست ايڊوڪيٽ مير احمد مڱريو  سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ ڄامشورو ۽ دادو جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي، ڀريا سٽي ۾ سنڌ بار جي اليڪشن ۾ سنڌ نيشنل لائيرس پينل جي سيد جعفر شاھ 29 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سنڌ پروگريسو لائيرس پينل جي ياسر عرفات شر 16 ووٽ کنيا، خيرپور ۾ به جعفر شاهه جي ڪاميابي بعد وڪيلن طرفان جشن ملهايو ويو، مورو بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، جتي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڪي بي رند وچ ۾ سخت مقابلي بعد نتيجن تي نئون تڪرار اڀري آيو، غير حتمي نتيجن موجب ضياءُ الحسن لنجار کي 73 ووٽ مليا، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ اميدوار ڪي بي رند کي 70 ووٽ حاصل ٿيا، پر نتيجي کي مورو بار ايسوسيئيشن جي صدر قادر بخش ڪورائي چئلينج ڪندي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ جي سيٽ تي عبدالغني بجاراڻي 861 ووٽ کڻي ڪامياب، احمد رضا سندراڻي 716 ووٽ کڻي سگهيو، ٻئي پاسي سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ فيض گنج پولنگ تان ضياءَ لنجار هارائي ويو. سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊون ۾ حيدرآباد ڊويزن جي 5 سيٽن تي غير حتمي نتيجن مطابق مير مڱريو، اياز تنيو، ڪي بي لغاري، عرفان ٻگھيو ۽ فياض لغاري ڪامياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون ڪالھ ٿيون، جنھن ۾ حيدرآباد ڊويزن جي 5 سيٽن مان حيدرآباد ضلعي جي ٽن سيٽن ڄامشورو دادو ضلعي جي سيٽ تي ايڊووڪيٽ مير مڱريو، ڪي بي لغاري ۽ عرفان ٻگھيو ڪامياب ٿي ويا. جڏھن ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سيٽ تي ايڊووڪيٽ فياض لغاري ڪامياب ٿي ويا. ياد رھي ته چونڊن ۾ مجموعي طور تي 25 اميدوار ميدان تي لٿل ھئا. جن مان مٿي ڄاڻايل 5 اميدوارن کي ڪاميابي حاصل ٿي آھي، سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون، سکر ڊويزن جي ڇهن سيٽن مان پنجن تي پروگريسو لائير جا اميدوار ڪامياب، خيرپور سيٽ تي پروگريسو پينل جي ياسر عرفات شر کي جعفر شاھ ڏسي وڌو، صوبائي وزير ضياء لنجار به مشڪل سان کٽيو، مخالف اميدوار ڪي بي رند ڪانٽي جو مقابلو ڪيو، سکر سيٽ تان قربان ملاڻو ۽ شفقت رحيم اڪثريت سان ڪامياب، گهوٽڪي ۾ عبدالرزاق مهر مخالف شاهد راجپوت کي شڪست ڏئي ڇڏي، سنڌ بار ڪائونسل ۾ سنڌ جي سکر ڊويزن جي ڇهن سيٽن تي قربان ملاڻو جي پروگريسو پينل ۽ نيشنل لائير پينل وچ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيو، مقابلي دوران سکر جي ٻن سيٽن تي پروگريسو لائير جي اميدوار قربان ملاڻو ۽ شفقت رحيم اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.