سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي اوڀر ۽ اولهه ٻنهي محاذن تي مصروف رکڻ چاهي ٿو.
نجي ٽي وي چينل سان گفتگو ڪندي خواجا آصف چيو جيڪڏهن ثبوت جي ضرورت آهي ته اهي اسان وٽ موجود آهن ته ڀارت جو پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ۽ اهو اسان کي ٻن محاذن اوڀر ۽ اولهه تي مصروف رکڻ چاهي ٿو.
هن چيو اوڀر محاذ تي ته ڀارت کي جوتا لڳڻ کانپوءِ مودي چُپ ئي ڪري ويو، اميد ته افغانستان سان ڳالهيون جا هاڪاري نتيجا نڪرندا.
سندس چوڻ هو سياستدان، اداري ۽ پاڪستاني قوم، سڀ متفق آهن ته افغانستان مسئلي جو فوري طور حل اڻٽر آهي ۽ افغان سرزمين تان دهشتگردي کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.
You might also like