صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مردن کي دل جي بيماري (ڪورونري هارٽ ڊيزيز) جو خطرو گهٽائڻ لاءِ عورتن جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻي ورزش ڪرڻي پوندي آهي.
اهو انڪشاف تازي تحقيق ۾ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي جسماني سرگرمي جو جائزو ورتو ويو.
تحقيق موجب اهي عورتن جيڪي هر هفتي 250 منٽ ورزش ڪنديون آهن، انهن ۾ دل جي بيماري جو خطرو 30 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته مردن کي اهو ئي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ تقريبن 530 منٽ ورزش ڪرڻي پوندي آهي.
تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته عورتون گهٽ ورزش سان به سٺا فائدا حاصل ڪري سگهن ٿيون.
محققن رسالي نيچر ڪارڊيو ويسڪولر ريسرچ ۾ لکيو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون اڌ وقت جي ورزش سان ئي برابر صحتمند فائدا حاصل ڪري وٺنديون آهن.
چين جي شامن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر جياجن چن ۽ سندس ساٿين يوڪي بايو بينڪ تحت شامل وچولي عمر جي رضاڪارن جي جسماني سرگرمي جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو.
شروعاتي طور تي 80 هزار 243 اهڙن ماڻهن جو جائزو ورتو ويو، جن کي دل جي بيماري نه هئي، انهن ۾ اهي عورتون، جيڪي هفتيوار 150 منٽ ورزش ڪنديون هيون، انهن ۾ 8 سالن جي عرصي ۾ دل جي بيماري جو خطرو 22 سيڪڙو گهٽ هو، جڏهن ته مردن ۾ اها گهٽتائي 17 سيڪڙو رهي.
Prev Post
You might also like