نجي اسپتال ۾غريب عورت جو ٻار وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

کوکراپار (رپورٽ: عنايت قمبراڻي) ملير ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال زھرا ڪلينڪ ۾ ٿاڻو بولان خان ڄامشور جي رهواسڻ عورت جو تازو ڄاول معصوم ٻار علاج جا پئسا نه ھجڻ سبب ڊاڪٽرياڻي پاران وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، غريب عورت معين خاتون جي ڊيلوري جا پيسا نه ڀرڻ سبب ڊاڪٽرياڻي ڪوهي ڳوٺ جي عورت کي ٻار وڪرو ڪري ڇڏيو، رئيس وليداد  جوکيو ڳوٺ واسي عورت مسمات شھناز ولد وليداد ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو کي لکت ۾ فرياد ڪندي ڄاڻايو ته مراد ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال زهرا ڪلينڪ تي 5آڪٽوبر 2025 تي منھنجي نياڻي معين خاتون کي ڊليوري لاءِ داخل ڪيو جنھن جي آپريشن ذريعي ڊليوري ڪرائي وئي، ڊاڪٽرياڻي پاران 7 آڪٽوبر تي اسان کي اسپتال جا پيسا ڀري گهر وڃڻ جو چيو، اسان غربت سبب اسپتال جا پئسا ادا نه ڪري سگھياسين ته ڊاڪٽرياڻي پاران معصوم ٻار وڪرو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو اسان پريشاني سبب ها ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ ھن فون ڪري شمع بزنجو کي گھرايو جيڪا ڪلينڪ تي پهتي ۽ ڊاڪٽرياڻي جي ڪمري ۾ هلي وئي ڪلاڪ بعد ڊاڪٽرياڻي زهرا اسان جو معصوم ٻار ڪوهي ڳوٺ جي شمع بزنجو نالي عورت حوالي ڪيو ۽ چيائين توهان کي پيسا وٺي ڏيان ٿي جنهن بعد عورت ٻار کڻي هلي وئي، ڳوٺ پهتاسين ڳوٺاڻن اسان کي سمجهايو جنھن تي اسان کي هوش آيو، ڊاڪٽرياڻي زهرا وٽ سندس ڪلينڪ تي آياسين ۽ ڊاڪٽرياڻي کي چيوته معصوم ٻار واپس ڏيو ڳوٺاڻن اسانجي مدد ڪئي آھي توهان کي توهان جا پيسا علاج جو سمورو خرچ ڏيون ٿا، ڊاڪٽرياڻي ۽ شمع ٽال مٽول ڪنديون رهيون ۽ اسان کي ڌمڪائيندي چيو ته خاموش رهو ٻي صورت ۾ معصوم ٻار کي ۽ توهان کي به نقصان ڏينداسين، جڏهن ته پوليس ٻار کي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ڌرين ۾ راضي نامو ٿي ويو، ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻار خريد ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.