سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن اڄ ٿيندي، 102 اميدوار ميدان ۾ لٿل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل ۾ ڪراچي ڊويزن جي 16 سيٽن تي سخت مقابلو ٿيندو، جتي ڪراچي جي مختلف ضلعن مان 102 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، ووٽنگ جو عمل صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بغير وقفي جي جاري رهندو، سڀئي پولنگ اِسٽيشَن سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ قائم ڪيا ويا آهن، سيڪيورٽي  ادارن طرفان سيڪيورٽي جا فول پروف انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽاف کي ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.، ووٽنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فوري طور ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي ويندي.اميدوارن ۽ سندن حامين ۾ جوش و خروش آهي ۽ سڀئي پنهنجي ڪاميابي لاءِ پراميد نظر اچي رهيا آهن

سينيئر صحافي جو حادثي ۾ موت، اين ايڇ اي خلاف هرجاڻي جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر)سينيئر سول جج اوڀرجي عدالت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ سينيئر صحافي جي موت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .مرحوم صحافي خالد اقبال جي زال پاران وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي خلاف هُرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائي وئي، درخواست گذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته خوني حادثن واري ايڪٽ تحت پنج ڪروڙ نَوانوي لک رُپين جو هُرجانو ادا ڪيو وڃي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آڪٽوبر 2024ع ۾ خالد اقبال پنهنجي آفيس مان گهر ويندي نيشنل هاءِ وي تي حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هو روڊ تي موجود کڏن کان بچي رهيو هو ته پويان ايندڙ ٽرالر موٽر سائيڪل سان ٽڪرائي پيو، وڪيل موجب صحافي جو موت اين ايڇ اي جي غفلت سبب ٿيو آهي، صحافي جي گهر جي حالت خراب آهي، اين ايڇ اي کي صحافي جي خاندان جي مدد ڪرڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي سان اڳوڻن پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اهم ملاقات

لاهور (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان اڳوڻن پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اهم ملاقات ٿي آهي. ڊان نيوز موجب شاهه محمود قريشي کي طبي معائني لاءِ پاڪستان ڪڊني اينڊ لِور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور آندو ويو، جتي اڳوڻن پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوهدري، مولوي محمود ۽ عمران اسماعيل انهن سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب اڳوڻن رهبرن شاهه محمود قريشي جي عيادت ڪئي ۽ ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا معمولي لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 2.2 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي جنهن جو مرڪز ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي اتر ۾ 24 ڪلوميٽر تي هو. زلزلو منجهند 3 لڳي 39 منٽن تي محسوس ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.