سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا هڪ هزار 186 نوان ڪيس ظاهر:صحت کاتو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي پوري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب، پوري سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪل 4 هزار 500 ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 186 ڪيس پازيٽيو آيا۔ ڪراچي ڊويزن ۾ 2 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 421 ڪيس پازيٽيو نڪتا۔ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 756 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 765 ڪيس پازيٽيو آيا۔ سڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 125 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 118 نوان مريض داخل ٿيا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سرڪاري اسپتالن مان 115 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 72 مريض صحتياب ٿي گهر روانا ٿيا۔ سڪريٽري ريحان بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪنهن به سرڪاري اسپتال مان ڪنهن به مريض جي فوت ٿيڻ جي ڪا رپورٽ ناهي آئي۔ هن وقت پوري صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 210 مريض داخل آهن، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 248 مريض علاج هيٺ آهن۔

ٽنڊو الهيار ۾ وڌيڪ 8 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ

ٽنڊوالھيار (حسرت لغاري) ٽنڊوالھيار ضلعي ۾ ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رھيو آھي. وڌيڪ 8 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي ھجڻ جي تصديق ٿي آھي ۽ اھو انگ وڌي 15 ٿي چڪو آھي. جڏھن ته خانگي اسپتالن ۾ داخل ڊينگي جي مريضن جا انگ اکر سامھون نه اچي سگھيا آھن، ھن وقت 8 مريض سرڪاري اسپتال ڊي ايڇ ڪيو ۾ داخل آھن، سرڪاري اسپتال ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آھي ۽ صحت کاتي پاران آگاھي مھم جو سلسلو  پڻ جاري آھي. ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ علائقي واسين ۾ پريشاني جي لھر پکڙجي وئي آھي.

حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي وبا سبب نئون ڀرتي ٿيل استاد ۽ وڌيڪ هڪ عورت حياتي وڃائي ويٺا. حيدرآباد ۾ ڊينگي  وائرس جو موتمار ڪهر جاري آهي، وبا وگهي فوتين جو انگ وڌي 26 تائين پهچي ويو آهي. سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل 70 سالا لطيف آباد جي رهواسڻ نسيم بيگم فوت ٿي وئي. جڏهن ته تازو لطيف آباد جي علائقي جو رهواسي ۽ نئون ڀرتي ٿيل استاد حافظ زبير احمد شيخ به ڊينگي جو شڪار ٿي فوت ٿي ويو. زبير شيخ تازو ئي تعليم کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون هيون، پر ڊينگي جي خطرناڪ وبا سندس زندگِي کسي ورتي. سندس فوتگي تي علمي حلقن، استادن، شاگردن ۽ ساٿين ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. شهر ۾ وڌندڙ ڊينگي ڪيسن سبب شهري سخت پريشان آهن، جڏهن ته صحت کاتي ۽ مڪاني کاتي پاران اسپري ۽ احتياطي قدمن ۾ سستيءَ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

ڊينگي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد احتجاج

حيدرآباد(پ ر)حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ڊينگي جي وبا تي ڪنٽرول نہ ڪرڻ، غير قانوني افغانين کي نيڪالي نہ ڏيڻ، منشيات ۽ بدامني خلاف نسيم نگر چوڪ تي احتجاج ڪيو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير احمد بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، زاھد ڀنڀرو، امداد پنهور، راول سيال، راجا چانڊيو، ڊاڪٽر الطاف ناگراج، ارصلاح بھلڪاڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي نظير بليدي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ ڊينگي جي وبا سبب 24 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن. جعلي ۽ بي اثر دوائن جو اسپري ڪرڻ سبب مڇر نه پيا مرن. قاسم آباد، ٻھراڙي، لطيف آباد ۽ سٽي جي 116 يوسيز ۽ ٽائونز جا ماھوار ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪيا پيا وڃن. بابو ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ صحت کاتو مري رھيو آھي. ڪنھن به تعلقي اسپتال ۾ پليٽيليٽس لڳائڻ جي سھولت ناھي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ڪرپٽ ۽ نااھل آھي ۽ غير قانوني طور مقرر ٿيل آھي. زين العابدين 18 گريڊ جو ھجڻ باوجود صوبائي وزير جي ڪوٽا تي 19 گريڊ جي پوسٽ تي زبردستي ويھاريل آھي. لوڪل گورنمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ماروي سومرو 17 گريڊ جي ھجڻ باوجود ان کي غير قانوني طور تي صوبائي وزير جي فرمائش تي 18 گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آھي. زاھد ڀنڀرو چيو ته حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد، ۽ ٻين علائقن ۾ غير قانوني افغانين جون ڪالونيون ٺھيل آھن. غير قانوني افغانين کي نيڪال نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.