اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي يو ٽرن وٺندي، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺڻ لاءِ پنهنجي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪرائيم ڪراچي زون کي خط لکي ڇڏيو، رپورٽ موجب داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 32 بابت ليگل ڪمينٽس، سي ايف آر جي عنوان سان مراسلو جاري ڪيو ويو، مراسلو ايف آءِ اي ڊائريڪٽر ڪراچي زون جي اجازت سان ايف آءِ اي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سرڪل کي موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ عدالت ۾ درخواست رد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي، مراسلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس منسوخ ڪرڻ يا سي ڪلاس ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڪيس ۾ نامزد شبر زيدي، ايف بي آر عملدارن ۽ نجي بئنڪ جي ملازمن جا نالا خارج ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوني چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي ۽ ٻين ايف بي آر آفيسرن خلاف داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فيصلو جاري ٿيڻ بعد فيلڊ يونٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊسچارج رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، جڏهن ته اهو حڪم ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي، شبر زيدي تي الزام هو ته هن مئي 2019 کان جنوري 2020 تائين چيئرمين جي حيثيت ۾ 16 ارب رپين کان وڌيڪ جا غير مجاز انڪم ٽيڪس ريفنڊز منظور ڪيا.