لاهور (بيورو) پنجاب اسيمبلي وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته مڪاني حڪومت کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن 27هين ترميم ڪرڻي پوي ته فوري ڪئي وڃي. پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ احمد خان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته مقامي حڪومتن جي معاملي تي کلي ڳالهائڻ گهرجي، پارليامينٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو مدو پنج سال آهي، جڏهن ماڻهن وٽ جمهوريت جا ثمر نه هوندا ته سندن جمهوريت تان اعتماد کڄڻ شروع ٿي ويندو. پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءُ اتفاق سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هڪ آئيني ترميم ڪئي وڃي جنهن ۾ هڪ نئون باب وڌو وجهي، لازمي قرار ڏنو وڃي ته مقرر مدي ۾ چونڊون ٿين، ڪا سياسي پارٽي ائين نه ڪري سگهي ته مڪاني حڪومت جو مدو گهٽ ڪيو وڃي. ڪاڪس پنجاب اسيمبلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪاڪس لوڪل حڪومت ۾ 80 ميمبر شامل آهن، اپوزيشن جا 35 ميمبر هئا. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته 140 اي اڻپورو آهي، صوبا مڪاني حڪومتون قائم ڪندا، نئين حڪومت ايندي ئي لوڪل گورنمينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، پوءِقانون ٺاهڻ ۾ 3 سال لڳا، جتي مان رهان ٿو اتي اڄ تائين ڊرينيج ۽ صفائي جو مسئلو آهي. هن چيو ته لازمي قرار ڏنو وڃي ته مقرر مدي ۾ مڪاني چونڊون ٿين، پنجاب اسيمبلي آئين ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهي، مڪاني ادارن کي سياسي، انتظامي ۽ مالياتي اختيار ڏنا وڃن، مڪاني حڪومتن لاءِ جيڪڏهن 27هين ترميم ڪرڻي پوي ته فوري ڪريو. ملڪ احمد خان چيو ته مان فيض آباد ۽ مري روڊ کي سڙندي ڏٺو، مون کي ڳڻتي هئي ته پاڪستان ۾ لاقانونيت ڇو آهي، مان ڏٺو ته ڪجهه ماڻهن روڊ تي کڏا کوٽيا، پوليس تي فائر ڪيا، امن امان جو قيام حڪومت جي ذميواري آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مولانا فضل الرحمان کي وڏو سياستدان سمجهان ٿو، مولانا جيڪو چو اها سندس راءِ آهي، ملڪ ۾ 27هين آئيني ترميم جون ڳالهيون آهن، بي اختيار پارليامينٽ کان بهتر آهي، پارليامينٽ ئي نه هجي، مڪاني حڪومتن کي آئيني تحفظ ملڻ گهرجي. مالي، سياسي ۽ انتظامي خودمختياري لاءِ پارليامينٽ کي جامع تجويزون موڪليون آهن، اميد آهي ته پنجاب اسيمبلي جي تجويزن کي اهميت ڏني ويندي.